ڏاج نه هجڻ ڪري هڪ ڪروڙ 35 لک ڇوڪرين جو شاديون رڪيل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڏاج نه هجڻ ڪري هڪ ڪروڙ 35 لک ڇوڪرين جون شاديون نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
مسلم ليگ ن جي ميمبر احسن رضا خان چيو آهي ته ڀارت ڏاج ڏيڻ ۽ وٺڻ کي ڏوهه قرار ڏيڻ جو قانون پاس ڪيو آهي.
ن ليگ اڳواڻ ٻڌايو ته شهباز شريف ون ڊش تي پابندي لڳائي هئي، جنهن بعد ڪجهه نياڻين جو شاديون ٿيون هيون.
احسن رضا جو چوڻ هو ته ڏاج ۾ گاڏيون ڏيڻ جي چڪر ۾ غريب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، مطالبو ڪيون ٿا ته ڏاج جي ڏيڻ ۽ وٺڻ تي پابندي لڳائي وڃي.
پنجاب اسيمبلي جي ميمبر چيو ته ورهاست جو قانون موجود آهي، ڌيءَ کي پنهنجو حصو ورهاست ۾ ملندو آهي، 32 هزار رپين جي پگهار وارو ڌيءُ کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي يا ڏاج گڏ ڪري.
هن جو چوڻ هو ته ڌيءَ جي ڄمڻ تي پيءُ ڊپريشن جو شڪار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏيندو آهي، هڪ ڪروڙ 35 لک ڇوڪريون شادي نه ٿيڻ ڪري گهرن ۾ ويٺل آهن.
بيت المال ۽ سوشل ويلفيئر پنجاب جي وزير سهيل شوڪت بٽ ڏاج کي لعنت قرار ڏيندي چيو ته اسان قانون ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن هن ناسور مان جان ڇڏائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.