گنڊاپور پاران پشاور اليڪٽرڪ تي قبضي جو اعلان

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وفاقي حڪومت کي صوبي ۾ ظالماڻي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جو واضح  پيغام ڏيندي چيو آهي ته سڀاڻي تائين لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ گرڊ اسٽيشن جو ڪنٽرول پاڻ سنڀالينداسين،  پنهنجي هڪ بيان ۾ هن وفاقي حڪومت کي صوبي ۾ ”غير اعلانيل، ظالماڻي“ لوڊشيڊنگ گهٽائڻ بابت اڄ رات تائين شيڊول جاري ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ڏني آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ۽ وفاقي وزير کي واضع پيغام ڏئي رهيو آهيان ته هن ظالمانه لوڊشيڊنگ کي گهٽائي وڃي، علي امين گنڊاپور چيو ته سڀاڻي کان لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي ته پاڻ گريڊ اسٽيشن جو ڪنٽرول سنڀالي وٺندو. هنن چيو ته جيڪڏهن مطالبا حل نه ٿيا ته پاور سپلائي ڪمپني (پيسڪو) چيف آفيس وينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.