فوج خلاف ڳالهائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي: گورنر سنڌ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي بدنام ڪرڻ ۾ ٻاهرين سازش هوندي  آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته اڄڪلهه جنهن قسم جا فيصلا ٿي رهيا آهن ان سان قوم پريشان آهي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس گهرائي معاملن جو جائزو ورتو وڃي، عدليه اهڙا فيصلا نه ڪري جنهن تي کيس 10 سالن کانپوءِ افسوس ٿئي. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ذولفقار علي ڀٽو جو فيصلو به ان ئي سپريم ڪورٽ ڏنو هو، جيڪو بعد ۾ ڏٺو ويو، سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏسي ته هاءِ ڪورٽ جو جج خط ڇو لکي رهيو آهي. هنن چيو ته مزاج بدلجي ويو آهي، هوا بدلجي وئي آهي ۽ فيصلا به تبديل ٿي ويا آهن، ليڊرن جا فيصلا ڪلاڪن ۾ اچي رهيا آهن، اڄ جو ڏينهن ڪارو آهي جو اهڙا فيصلا آيا آهن، فيصلا سندن حق ۾ آيا آهن، جنهن بابت انهن کي اميد به نه هئي.ڪامران ٽيسوري اهو به چيو ته فيصلا  قانون ۽ آئين موجب ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن فيصلن خلاف آواز بلند ٿي رهيا آهن ته ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏنو وڃي. هن چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل بلاڪس جي اجلاس ۾ اهي سڀ شيون سامهون رکڻ گهرجن، ڇا اهي فيصلا ڪيس جي تعصب سبب آهن؟ عدالتون طئي ڪنديون ته ماضي ۾ جيڪي فيصلا آيا، انهن ۾ ڪهڙي ڳالهه تي غور ڪيو ويو. سنڌ جي گورنر چيو ته غريب ۽ عوام جا فيصلا سالن ۾ به نه پيا اچن.پڇڻ چاهيان ٿو لاڏلي جا فيصلا هر ٻئي ڏينهن ڪيئن اچي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.