حڪمران عوام جو پئسو لٽائيندا رهن ٿا، ڪو پڇڻ وارو ناهي\چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ خانگي دواساز ڪمپني کي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي جون رهتون  ادا نه ڪرڻ وارو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،چيف جسٽس عقيل عباسي سنڌ حڪومت پاران دوائن جي ڪمپني کي رهتون  ادا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهاڪندي  چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو پئسا کائي ويندو ته ڪير اعتبار ڪندو؟ چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ملڪ کي ڪير قرض به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.ابتو ڪري ملڪ کي هلائڻ لاءِ قرض ملي رهيو آهي. درخواستگذار مخدوم علي خان چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا جي ويڪسين گهرائي هئي.ڪمپني جا سنڌ حڪومت تي 65 ڪروڙ رپيا ڊگهي عرصي کان رهتون  آهن.وڪيل مخدوم علي خان چيو ته سنڌ حڪومت رقم ڏيڻ لاءِ 3 ڪميٽيون ٺاهيون، درخواستگذار مخدوم علي خان چيو ته ٽنهي ڪميٽين دوائن جي ڪمپني کي رهتون ادا ڪرڻ جي سفارش ڪئي به هئي. چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته مسئلو اهو آهي ته رقم وڏي آهي ۽ هي سوچن ٿا ته هنن کي ڇا ملندو، چيف عقيل احمد عباسي چيو ته هي پنهنجو حصو گهرندا هوندا. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته عوام جو پئسو لٽائيندا رهن ٿا ، ڪو پڇڻ وارو ناهي،هاڻي اهي پريشان آهن، صحت واري سيڪريٽري کي گهرايون ان کان پڇون ته پئسا ڏيڻ چاهين ٿا يا نه؟ صحت کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته ڪميٽي جو سربراهه رٽائر ٿي ويو آهي، جائزو وٺڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪورونا ختم ٿي ويو، هاڻي 5 سئو سالن تائين ڪميٽيون ٺاهيندا رهندا؟ يا ڪميشن کپي ٿو؟ عدالت سنڌ جي صحت کاتي کان 31 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.