غوثپور ويجهو لولائي برادري ۾ تڪرار جو نبيرو، 2 ڪروڙ 60 لک رپيا ڏنڊ

غوثپور ( رپورٽ:  عبدالجبار اوڳاهي ) غوثپور جي ڪچي واري ڳوٺ موسو لولائي ۾ گذرل پنجن سالن کان لولائي برادري جي ٻن ڌرين موسو لولائي ۽ شريف لولائي ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو غوثپور  ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ پ پ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي جي سرپئنچي ۾ سندس بنگلي تي ٿي گذريو، فيصلي ۾ ڪچو ٻنڍي ۽ ڪچو ڪيٽي کان سوين ماڻھن قافلن جي صورت ۾ اچي شرڪت ڪئي، ٻنھي ڌرين جي جھيڙي ۾ 8 ماڻھو قتل ٿي ويا ھئا جن مان 6 شريف لولائي جي ڌر جا ۽ ٻھ موسو لولائي جي ڌر جا شامل آھن، مارجي ويلن ۾ محمد شريف، جڙيو، مسمات ڪوڙي، طالب، صاحب ۽ حاڪم، جڏھن ته موسي واري ڌر مان ميرل ۽ احسان لولائي شامل آھن، ٻنھي ڌرين جي ڳالھين ٻڌڻ بعد سرپئنچن موسو لولائي ڌر تي 6 خون ثابت ٿيڻ تي 20 لک في خون جي بھا مقرر ڪري ھڪ ڪروڙ 20 لک ڏنڊ ۽ پنجھٺ ھزار زخمين ۽ خرچ جا توڙي مجموعي طور ھڪ ڪروڙ  85 لک ڏنڊ وڌو ويو، جڏھن ته شريف واري ڌر مٿان موسو لولائي جي ڌر جا 2 قتل ثابت ٿيڻ تي 40 لک ڏنڊ ۽ 35 لک زخمين جا توڙي 75 لک ڏنڊ وڌو ويو، اھڙي نموني ھڪ لک 85 ھزار جي وڌل ڏنڊ مان 75 لک ڪٽ ڪري بقايا رقم ھڪ ڪروڙ ڏھه لک موسو واري ڌر ادا ڪندي، جنھن مان 10 لک انھن موقعي تي ادا ڪري رھيل رقم جاضامن ڏنا، فيصلي جي فتوا کي ٻنھي ڌرين خوشي سان قبول ڪري ھڪ ٻئي سان ڀاڪر پاتا ۽ کير کنڊ ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.