پاڪستان جو فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب گائيڊڊ راڪيٽ فتح ٽو 400 ڪلو ميٽرن تائين مار ڪري سگهي ٿو، فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ سسٽم جديد نيوي گيشن سسٽم سان ليس آهي ۽ راڪيٽ سسٽم ڪنهن به ميزائل ڊفينس سسٽم کي مات ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فتح ٽو ميزائل انتهائي درستگي سان هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو، الفتح ٽو ميزائل کي پاڪستان جي آرٽلري ڊويزنز ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، اهو راڪيٽ سسٽم پاڪستاني فوج جي روايتي خطرناڪ هٿيارن کي اپ گريڊ ڪندو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب چيف آر جنرل اسٽاف، ٽنهي سروسز جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن ميزائل جي فلائيٽ ٽيسٽ جو مشاهدو ڪيو.
هوڏانهن شاندار ڪاميابي تي فوجين ۽ سائنسدان کي صدر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين مبارڪون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.