امن امان جون دعوائون ڪندڙ ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪاري ڇو پيا ڪن؟ عمر ايوب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته امن امان جون دعوائون ڪندڙ گهرو وزير ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪاري ڇو ڪري رهيو آهي؟
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته اها رقم اسٽيٽ بئنڪ جي اجازت سان ڪئي وئي؟ سورس چيڪ ڪيو ته رقم ڪيئن دبئي وئي، پتو لڳايو وڃي ته دبئي ۾ ملڪيتون ڊڪليئرڊ آهن يا نه.
سندس موجب پي ٽي آءِ باني جيڪو چوندو هو درست ثابت ٿيو، گهرو وزير يا جيڪي امن امان جون وڏيون دعوائون ڪري رهيا آهن، اهي اتي سيڙپڪاري ڇو پيا ڪن؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.