9 مئي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: فيصل ڪريم ڪنڊي

سيوهڻ/لاڙڪاڻو ( نمائندن وٽان )  پيپلز پارٽي جو مرڪزي اڳوڻ ۽ ڪي پي ڪي صوبي جي نئون مقرر ٿيل گورنر گذريل ڏينهن فيصل ڪريم  ڪنڊي سيوهڻ پھتو، ڪي پي ڪي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سيوهڻ ۾ عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري چادر چاڙھي ۽ فاتحا  خواني ڪئي. جنهن بعد ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي درگاهه جي احاطي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پي ٽي آءِ وارا حاضر سروس جي پيرن ۾ پوندا آهن ۽ رٽائر ٿيڻ وارن جي ڳچي ۾ پوندا  آهن،  ھو ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن سعودي ته ڪڏهن فوج تي سازش جو الزام ھڻن ٿا، جيڪي اڳواڻ چون ٿا فوج ذريعي جمھوريت آڻينداسين،

فوج جو ترجمان جو بيان اھڙن ماڻهن جي منھن تي چماٽ آهي. ھن چيو ته 9 مئي جو ڏينهن ملڪ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، ان ڏينهن جيڪي واقعا ٿيا اھو ڪم ڪو دشمن ئي ڪري سگهي ٿو، مطالبو آهي  ته انھن ھٿن کي ظاهر ڪري سزا  ڏئي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي. ھن چيو ته ھنن جي ملڪ سان دشمني آهي ان ڪري ملڪ جي مفاد خلاف بيان جاري ڪندا آهن، جئين ملڪ جي بدنامي ٿئي پر ھو ھر حال ۾ اقتدار چاھين ٿا. ھڪ سوال تي گورنر ڪي پي چيو ته ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ھلندڙ آهي، ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪي پي ۾ ھڪ ننڍي ذھن واري ماڻهو کي وڏي وزير جي ڪرسي تي ويھاريو ويو  آهي جنهن آئين ئي  نه پڙھيو آهي، آءُ گورنر ھائوس کي سازشن ۽ نفرتن جو ڳڙھه بنائڻ نٿو چاھيان، ٻئي پاسي فيصل ڪريم ڪنڊي ڳڙهي خدا بخش پهچي شهيد ذولفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري دعا گهري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.