” جيڪا تڪليف ڏئي اِها محبت ناهي هوندي“ ثانيا مرزا جي پوسٽ وائرل

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته محبت تڪليف ناهي ڏيندي ۽ جيڪا تڪليف ڏئي اِها محبت ناهي هوندي، محبت تي گهاوَن تي پَهو رکندي آهي.
ڀارت جي ليجنڊري ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو شمار اهڙين متاثر ڪندڙ شخصيتن ۾ ٿيندو آهي جيڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي گهڻو متحرڪ رهنديون آهن ۽ پنهنجي چاهيندڙن کي آئي ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه ڪارائتا مشورا پڻ ڏينديون آهن.
ويجهڙ ۾ ثانيا مرزا انسٽاگرام تي اسٽور شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي مداحن کي زندگيءَ جي سمورين ڏکيائين جو کِلندي مقابلو ڪرڻ جي صلاح ڏني.
ثانيا مرزا پوسٽ سان گڏ پنهنجو ڪجهه تصويرون پڻ شيئر ڪيون جنهن ۾ هوءَ خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهي آهي.
ان کانسواءِ ثانيا مرزا انسٽا اسٽوري ۾ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيائين ته محبت تڪليف ناهي ڏيندي، جيڪا تڪيلف ڏئي اِها محبت ئي ناهي هوندي، محبت اِها آهي جيڪا اوهان جا ڦٽ ڀري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.