عدالت پينن خلاف ڏنڊو کڻي ورتو، وڏو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت عورت جي شڪايت تي پينو فقيرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن جج اولهه شهر جي روڊن ۽ ٽريفڪ سنگلز تي پينو فقيرن جي ڀرمار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت سڄي شهر ۾ سگنلز تي موجود پينو فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو.
عدالت چيو ته پينو فقيرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
ايڊيشنل سيشن جج چيو ته پنڻ جو ڪاروباري نيٽ ورڪ ٺاهيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالتي حڪم تي شهر ۾ پينن خلاف ڪارروائي ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي ذميواري ڪراچي پوليس چيف سميت ڊي آءِ جي اولهه ۽ اولهه زون جي آهي.
عدالت چيو ته سمورا آفيسر حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻائين، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ان حوالي سان فوڪل پرسن جي مقرري ۽ ڪارروائي جي رپورٽ هر مهيني پيش ڪري، پينن خلاف قائم اداري کي فعال بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.