پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڏار، شهلا رضا جي پي ايڇ ايف جي صدارت تان استعيفيٰ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ ئي ن ليگ ۾ ڏار پئجي ويا، وزيراعظم جي هاڪي ڪميٽي جي انچارچ راڻا مشهود جي غلط بياني تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر شهلا رضا پنهنجي عهدي تان استعيفي ڏئي ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شهلا رضا استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو ته هن 27 اپريل تي ئي پي ايڇ ايف جي صدرات تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
سندس چوڻ هوته حڪومت اجلاس ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اِهي نه پاڙيا ويا، جيڪي ڳالهيون اجلاس ۾ طئي ٿيون هيون انهن کي اهميت نه ڏني وئي.
هن چيو ته اجلاس ۾اسان ڪئمپ هڪ ڪرڻ جي ڳالهه قبولي هئي ته جيئن ٽيم ملائيشيا وڃي سگهي، پي ايڇ ايف واري معاملي جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو چيو ويو جيڪا نه ٺاهي وئي.
هن انڪشاف ڪندي چيو ته وزيراعظم جي هاڪي ڪميٽي بابت انچارج راڻا مشهود جو رويو پنهنجي بيعزتي آهي.
هن چيو ته هاڪي جي بهتري لاءِ راڻا مشهود سان ملاقات دوران به استعيفيٰ جي آڇ ڪئي هئي، جڏهن حڪومت ڪنهن کي صدر نٿي مڃي ته طارق بگٽي ۽ راڻا مجاهد ملائيشيا ڪهڙي حيثيت ۾ ويا.
هن چيو ته پنهنجي استعيفيٰ آءِ پي سي وزير احسن اقبال ۽ راڻا مشهود ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، جڏهن ته پي ايڇ ايف ڪانگريس کي به پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، شهلا رضا جي استعيفيٰ پي ايڇ ايف ڪانفريس منظور ناهي ڪيو.
ٻئي پاسي اسپورٽس بورڊ ذريعن جو چوڻ آهي ته طارق بگٽي ۽ راڻا مجاهد کي راڻا مشهود جي چوڻ تي اين او سي ڏني وئي.
ذريعن موجب، ملائيشين هاڪي فيڊريشن پاڪستاني رانديگرن کي 11 ڪمرا ڏنا هئا، جڏهن ته طارق بگٽي ۽ راڻا مجاهد رانديگرن جي ڪمرن تي قبضو ڪيون ويٺا آهن.
پاڪستان هاڪي ٽيم جي ذريعن موجب، هڪ ڪمري ۾ چار کان ٽي رانديگر گداگرن جيان رهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.