ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 15 جو چوٿون گانو رليز ٿي ويو

ميوزيڪل ڪمپني “ڪوڪ اسٽوڊيو” سيزن 15 جو چوٿون گانو ”هرکلي” رليز ڪري ڇڏيو، جنهن کي هاڻي تائين 14 لک ڀيرا ڏٺو ويو آهي.
گاني کي مئي تي رليز ڪيو ويو، پشتو ميوزڪ ۽ شاعري تي ٻڌل گاني ۾ نه صرف پاڪستان پر افغاني شوقينن به پسند ڪيو آهي.
گاني جي شاعري پنجن ماڻهن لکي آهي، جنهن ۾ ظهور، رحما، هدايت مروت،عبدالله صديقي ۽ سعد بخاري شامل آهن.
اهڙي ريت ان جي ڪمپوزيشن جي به پنج ڄڻن ملي ڪري ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ ذلفي، رحما، ظهور، ڪيورلي ۽ سعد بخاري شامل آهن.
هرکلي جي اردو ۾ معنيٰ ڀليڪار آهي، گاني جي شاعري، موسيقي ۽ وڊيو ۾ پشتو ثقافت کي ڏيکائڻ ڪري پسند ڪيو پيو وڃي.
پشتو گاني کان پهريان ڪوڪ اسٽوڊيو 15 ذريعي ٽيون گانو “مغرولا” 28 اپريل کي رليز ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.