مڙس سان جهيڙي تي عورت پاران ڍنڍ ۾ اڇلايل معذور ٻار کي واڳون کائي ويا!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مڙس سان جهيڙي کانپوءِ عورت پنهنجو 6 ورهين جو گونگو ۽ ٻوڙو ٻار واڳن سان ڀريل ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن کي واڳون کائي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڪرناٽڪ رياست ۾ پيش آيو، جتي 32 ورهين جي ساويتري پنهنجي 6 ورهين جي ٻار (جيڪو ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم هو) کي مڙس سان جهيڙي کانپوءِ ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو، جڏهن ته ان ڍنڍ ۾ واڳون به موجود هئا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته عورت ۽ سندس مڙس جو اڪثر پنهنجي 6 ورهين جي پٽ ونود تي جهيڙو ٿيندو هو، ساويتري موجب سندس مڙس اڪثر ونود بابت مهڻا ڏيندو رهندو هو ۽ چيو هو ته ان کي ڪينال ۾ ڦٽو ڪري ڇڏ، تنهن ڪري جيڪو ڪجهه به ٿيو ان جو ذميوار مڙس آهي.
پوليس موجب ٻار کي ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪندڙ عورت ۽ ان جي مڙس کي حراست ۾ وٺي مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.