لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن وومين ونگ ٽرسٽ جي سرپرستي هيٺ مظلوم فلسطينين تائين امدادي سامان موڪلڻ لاءِ ”پيڪنگ ڊرائيو“ جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جي 1500 رضاڪارن پيڪنگ ڊرائيو ۾ حصو ورتو.عورتن جا ڪپڙا، ٻارن جا ڪپڙا، ٿانو ۽ ٻيون ضروري شيون پلاسٽڪ جي مختلف دٻن ۾ پيڪ ڪيون ويون.
ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب ۾ خاص مهمان صدر الخدمت فائونڊيشن پاڪستان ڊاڪٽر حفيظ الرحمان، نائب صدر ذاڪر الله مجاهد، جماعت اسلامي وومين ونگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر حميرا طارق، الخدمت فائونڊيشن وومين ونگ ٽرسٽ جي صدر صائمه شبير، سيڪريٽري ٽري جنرل صبا ثاقب ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
ڊاڪٽر حفيظ الرحمان چيو ته غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 22 لک ماڻهو جنگ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. الخدمت پاران متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون پهرين ڏينهن کان جاري آهن. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيترو ٿي سگهي غزه جي متاثرين تائين کاڌو، دوائون ۽ ٻيون امدادي سامان پهچايون. ان کان اڳ پاڪستان ۽ مصر ذريعي امداد موڪلي ويندي هئي تازو ئي الخدمت اردن تائين امدادي سامان پهچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي امدادي سامان نئين رستي ذريعي 24 ڪلاڪن ۾ غزه تائين پهچندو غزه ۾ اسپتالون، اسڪول ۽ پاڻي جا ذريعا تباهه ٿي ويا آهن. لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ مدد جا منتظر آهن. الخدمت سرندي وارن پاڪستانين جي سهڪار سان غزه ۾ مسلسل امدادي سامان پهچائي رهي آهي. اسان جنگبندي کانپوءِ فوري بحالي جي حوالي سان مڪمل پلاننگ پڻ ڪئي آهي. سروس ٽيمن واٽر فلٽريشن پلانٽ، اسپتالن، مسجدن کان سواءِ رهائشي يونٽن جي تعمير ۽ بحالي لاءِ پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.
هن چيو ته مظلوم فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ سامان پيڪ ڪرڻ وارا رضاڪار بهترين انعام جا مستحق آهن. نوجوانن جو جذبو تعريف جوڳو آهي.
صدر الخدمت فائونڊيشن وومين ونگ ٽرسٽ صائمه شبير چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان اهو ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪئي وڃي. وومين ونگ ٽرسٽ تحت هن وقت تائين 2 ڪروڙ رپين جي امداد موڪلي وئي آهي. هن وقت تائين هزارين امدادي سامان، دوائون ۽ ٻيو سامان مظلوم فلسطينين تائين پهچايو ويو آهي. اسان فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.
هن چيو ته ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ اسڪولن جي 1500 نوجوانن پيڪنگ ڊرائيو لاءِ پاڻ کي رجسٽر ڪرايو جيڪو واکاڻ جوڳو آهي ۽ اڄ هو هتي وڏي شوق سان ڪم ڪري رهيو آهي. فلسطينين جي لاءِ انهن ٻارن جي محبت ۽ اخلاق انمول آهي.