وزيراعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ هينڊ بال جي پڄاڻيءَ واري تقريب

ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته اسان جي نوجوانن کي صحتمند ۽ مثبت سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هُو پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري سگهن، ان طرح ئي اسان پنهنجي نوجوان نسل کي منفي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي سگهون ٿا. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ پاران هاير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي ريجنل ڊائريڪٽوريٽ سنڌ جي سهڪار سان منعقد ٿيل وزيراعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ هينڊ بال (مين) جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي.

ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته ايڇ اِي سي پاڪستان، پرائم منسٽر ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ ذريعي اسان جي نوجوانن کي راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين قدم کنيو آهي. نتيجي ۾ سنڌ جي 5 ڊويزنن؛ ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي مان سٺيون هينڊ بال ٽيمون سامهون آيون آهن.

فاتح ٽيمن يعني حيدرآباد (پهريون پوزيشن)، ڪراچي (ٻي پوزيشن) ۽ لاڙڪاڻو (ٽين پوزيشن) کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته هاڻي اسان جون پهريون ۽ ٻيو نمبر حاصل ڪندڙ ٽيمون پشاور ۾ ٿيندڙ قومي چيمپئن شپ ۾ حصو وٺنديون. ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اسان پوري صوبي مان باصلاحيت نوجوانن جي ڪاميابي سان چونڊ ڪئي آهي، جيڪي مستقبل ۾ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي کيڏندا.

وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ايڇ اي سي پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، ايڇ اِي سي سنڌ جي ڊائريڪٽر جاويد احمد ميمڻ ۽ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ طرفان وزيراعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ جي هينڊ بال ميچن جي آرگنائيزرس، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر محمد نعيم احمد، اسپورٽس آفيسر محمد ڪاشف ۽ ٻين ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪئي، جن وڏي محنت ڪري وزير اعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ کي صوبي ۾ ڪامياب بڻايو.

ڊاڪٽر صحرائي چيو ته ان تجربي کانپوءِ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي به پنهنجي هينڊ بال ٽيم ٺاهيندي، ڇو ته ايس ايم يو آءِ اڳ ۾ ئي پنهنجين اٺن شاگرد سوسائٽيز ذريعي يونيورسٽي ۾ راندين ۽ ٻين گڏيل نصابي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهي آهي.

ان کان اڳ ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس محمد نعيم احمد پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته سنڌ جي پنجن ڊويزنن ۾ ڪرايل ٽرائلز ۾ 1500 رانديگرن حصو ورتو هو، انهن مان پنجن ٽيمن لاءِ 60 رانديگر فائنل چيمپيئن شپ لاءِ چونڊيا ويا، جن 2 مئي کان 6 مئي تائين ڪراچي ۾ ٿيل هينڊبال جي فائنل ۾ شرڪت ڪئي. هن هينڊبال جي ميچز ۾ شريڪ سمورن رانديگرن جو ٿورو مڃيو. ان سان گڏ هن وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ ايڇ اِي سي پاڪستان جا به ٿورا مڃيا، جن هي رانديون منعقد ڪرڻ ۾ سندن وڏي مدد ڪئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ ٽنهي فاتح ٽيمن: حيدرآباد، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ ميڊل ورهايا. پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمن کي 10 هزار، 5 هزار ۽ 3 هزار رپيا نقد انعام پڻ ڏنا ويا. ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيمپيئن شپ جي آرگنائيزر محمد نعيم احمد ۽ محمد ڪاشف کي پڻ شيلڊون ڏنيون. ان کان علاوه مشهور اسپورٽس اينڪر جناب يحيٰ حسيني کي به شيلڊ پڻ ڏني وئي.

پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ڊينز؛ ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو، ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، ايڊوائيزر اڪيڊمڪس ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان، رجسٽرار غلام مصطفيٰ شيخ ۽ ٻين آفيسرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.