ڇا پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار آهي؟

سيد حيدر

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 کان اڳ انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي دوري لاءِ 18 رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو.
بابر اعظم جي قيادت ۾ ٽيم آئرلينڊ خلاف ڏهه مئي کان پنهنجي دوري جي شروعات ڪندي، جتي گرين شرٽس 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.
آئرلينڊ جي ٽيم ظاهر طور گهٽ درجي واري ٽيم آهي، جنهن جون گهڻي قدر ميچون نان ٽيسٽ پلئينگ ملڪن سان ٿينديون آهن، پر آئرلينڊ پاڪستان لاءِ ڪيئي موقعن تي سخت حريف ثابت ٿيو آهي.
ان کانسواءِ گذريل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ کي هارائي آئرلينڊ اَپ سيٽ ڪيو هو.
جون ۽ ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ آئرلينڊ ۽ پاڪستان هڪ ئي گروپ ۾ آهن ۽ اميد آهي ته فلوريڊا ۾ شيڊيول مقابلي ۾آئرش ٽيم هڪ طاقتور مخالف جي صورت ۾ نظر ايندي.
پاڪستان ٽيم آئرلينڊ کانپوءِ انگلينڊ ويندي جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
عالمي ڪپ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز انتهائي اهم آهي جنهن دوران ٻنهي ٽيمن کي پنهنجي صلاحيت، قابليت ۽ طاقت بابت پتو لڳائڻ جو موقعو ملندو.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ به انهن مقابلن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سمورن رانديگرن کي آءِ پي ايل مان واپس گهرائي ورتو آهي ته جيئن پاڪستان خلاف کين آزمائي سگهجي.
اِها هڪ هاڪاري ۽ ذميواراڻي روايت آهي جنهن کي نيوزيلينڊ پاڪستان جي تازي دوري دوران نظرانداز ڪري ڇڏيو هو.
پاڪستاني اسڪواڊ تي هڪ نظر
پاڪستان ٽيم لاءِ سليڪٽرن جن رانديگرن جي چونڊ ڪئي آهي انهن ۾ ڪجهه نالا ڏاڍا غير امڪاني آهن، حسن علي ۽ سلمان علي آغا جي شموليت تي سڀ حيران آهن ڇو ته ٻئي رانديگرن نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ شامل نه هئا.
حسن علي ڪجهه ورهيه اڳ تائين هڪ خطرناڪ بالر هو پر گذريل هڪ سال کان سندس ڪارڪردگي ڏاڍي خراب رهي آهي.
پاڪستان سپر ليگ ۾ به هو ڪجهه نه ڪري سگهيو، ڪراچي ڪنگز انتظاميا کي مايوس ڪيائين پر کيس وري قومي ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.
سلمان علي آغا به ٽيم کان ٻاهر هو پر اوچتو ظاهر ٿي پيو، پي ايس ايل دوران سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ اساما مير تي ابرار احمد کي ترجيح ڏني وئي آهي.
عثمان خان ۽ صائم ايوب مسلسل ناڪام ٿيڻ باوجود ٽيم ۾ شامل آهن، ائين لڳي ٿو سليڪٽر اڃا تائين مونجهاري جو شڪار آهن، ڇو ته ٽيم ۾ پنج اوپنرز شامل ڪري مڊل آرڊر کي برباد ڪيو پيو وڃي.
فخر زمان فطري اوپنر آهي پر کيس پنجين نمبر تي ڦٽو ڪيو ويو آهي، پاڪستان وٽ ڪوهلي يا ڊيرل مچل جيان مڊل آرڊر بيٽر نه آهن.
محمد عامر کي محمد علي تي ترجيح ڏني وئي آهي جيتوڻيڪ انگلينڊ جي ڪنڊيشن ۾ محمد علي انتهائي ڪارائتو ثابت ٿئي ها، حارث رئوف مڪمل فٽ ناهي پر بابر اعظم جي فرمائش تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٽيم مئنيجمينٽ بابر اعظم کي اوپننگ تان هٽائڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن سبب پاور پلي جو استعمال هاڻي خواب بڻجي چڪو آهي، فخر زمان شايد سڀ کان بهتر چونڊ آهي پر مئنيجمينٽ ائين نٿي ڪرڻ چاهي.
پاڪستان ان دوري دوران انهن ٽن رانديگرن جو فيصلو ڪندو جيڪي عالمي ڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر ٿيندا، ڇو ته ورلڊ ڪپ ۾ پندرنهن رانديگر ئي شامل ٿي سگهن ٿا، امڪان آهي ته حسن علي، سلمان علي آغا ۽ عباس آفريدي کي ڊراپ ڪيو ويندو ، جڏهن ته اساما مير ابرار احمد جي جاءِ والاري سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ ٻين ملڪن ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي، پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستان اڃا تائين سوچ ويچار ڪري رهيو آهي شايد ان جو ڪارڻ نيوزيلينڊ جي سي ٽيم خلاف قومي ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي آهي جنهن سليڪٽرن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
اسڪواڊ جي اعلان ۾ دير رانديگرن سان گڏ ڪرڪيٽ تجزيي نگارن کي به ٻڏتر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، رانديگرن لاءِ ته اِها هڪ روايتي صورتحال آهي پر اسڪواڊ جي اعلان ۾ دير ٽيم جو مورال پڻ ڪمزور ڪري رهي آهي.
جيتوڻيڪ پاڪستان گذريل عالمي ڪپ جي فائنل تائين پهتو هو ۽ گرين شرٽس کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي هڪ خطرناڪ ٽيم مڃيو ويندو آهي پر موجودا منظر نامي ان جي طاقت کي گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.
ٽيم جو اصل مسئلو مڊل آرڊر آهي جيڪو نه اوپنرز کي سهارو ڏئي ٿو ۽ نه بالرن کي مقابلي لاءِ حوصلو .
گذريل سيريز ۾ مڊل آرڊر جو ڪامبينيشن ڏاڍو ڪمزور رهيو جيڪو هدف تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهيو، افتخار احمد جي ڪرڪيٽ ڪجهه بالن تائين محدود ٿي چڪي آهي جڏهن ته عثمان خان، شاداب خان جي ڪارڪردگي به خراب رهي، عثمان خان لاءِ ٽيم ۾ مستقبل بنيادن تي جاءِ ٺاهڻ ڏکيو نظر اچي رهيو آهي.
پاڪستان جو ٻيو مسئلو اسپنرز جي غير معياري ڪارڪردگي آهي، ويسٽ انڊيز جي پِچن تي اسپنرز جو ڪردار انتهائي اهم هوندو.
پاڪستان جيڪڏهن عماد وسيم کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ته انگلينڊ ۾ کيس سموريون ميچون کيڏاڻيون پونديون.
جديد ڪرڪيٽ کان اڻواقف ٽيم
اِها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان ٽيم هنيئر تائين جديد ڪرڪيٽ جي گهرجن کي ناهي سمجهي سگهي، پاڪستان ٽيم جيستائين هر ميچ ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ٽوٽل جو نه سوچيندي، مخالفن لاءِ اطمينان جو سبب رهندي.
ماڊرن ڪرڪيٽ ۾ هر بال تي اسڪور ڪرڻ سڀ کان اهم هوندو آهي، پر پاڪستاني بيٽر پنهنجي وڪيٽ بچائڻ جي چڪر ۾ ٽيم جو وڪيٽون ڪِيرائي ڇڏيندا آهن، اوپنرز ۽ مڊل آرڊر کي جديد ڪرڪيٽ سکڻي پوندي.
نئين ڪوچ جي حڪمت عملي ڇا هوندي؟
گيري ڪرسٽن امڪاني طور ٽيم کي انگلينڊ ۾ جوائن ڪندو جتان هو ٽيم سان گڏ آمريڪا ويندو پر گيري به پريشان هوندو ته ٽيم جا مستند رانديگر هر ايندڙ ميچ ته ايندڙ ميچ جو ڪواليفائينگ رائونڊ سمجهي کيڏندا آهن جنهن سبب ٽيم جي کٽڻ جي صلاحيت گهٽجي ويندي آهي.
اظهر محمود ٽيم جو مددگار ڪوچ آهي، جنهن کي مڪي آرٿر آندو هو پر مڪي جي ويندي ئي سندس ٽپڙ به گول ڪيا ويا هئا.
اظهر محمود هڪ ڀيرو وري پاڪستان ٽيم سان جُڙي چڪو آهي، سندس ڪوچنگ ۾ ماضي ۾ پاڪستان ٽيم شڪستن جو بار برداشت ڪندي رهي آهي، پر مٿس ڪنهن وڏي سگهاري شخصيت جو ٻاجهه ڀريو هٿ آهي جيڪو هر ٻئي ٽئين مهيني کيس واپس وٺي ايندو آهي.
عالمي ڪپ ۾ هڪ مهيني کان به گهٽ وقت بچيو آهي پر پاڪستاني سليڪٽرن جو اڃا تائين ٽيم جو اعلان نه ڪرڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته ٽيم جي حتمي اعلان تائين پهچڻ لاءِ گهڻو غور ويچار ڪرڻو آهي.
وهاب رياض موجب، 22 مئي تي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو جيڪو ميگا ايونٽ جي ظابطن موجب اسڪواڊ جي اعلان لاءِ آخري ڏينهن آهي.
جيتوڻيڪ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بابت هر ڪوئي ڄاڻي ٿو ته اسڪواڊ ڪهڙن رانديگرن تي ٻڌل هوندي پر سليڪٽرز اڃا تائين نه ڄاڻ ڪهڙا هيرا ڳولي رهيا آهن.
هونئن به موجودا سليڪشن ڪميٽي پنهنجي بيانن ۽ پريس ڪانفرنسز ۾ دوران غير سنجيدا رويي سبب پنهنجي غير مستند هئڻ جو اشارو ڏيندي رهي آهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان ورلڊ ڪپ لاءِ اڃا تائين تيار نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.