“توهان مون سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته ڪيرئر ختم ٿي ويندو“

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان جو هڪ پراڻو خط سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هنن پنهنجي سپر هٽ فلم مين ني پيار ڪيا جي ڪاميابي بعد پرستار سان اظهار تشڪر ڪيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا تي سلمان خان جي هٿ سان لکيل خط گهڻو وائرل ٿي رهيو آهي، جيڪو هن پنهنجي فلم “مين ني پيار ڪيا” جي رليز جي چار مهينا بعد پنهنجي پرستارن جي نالي لکيو هو.
سلمان خان خط ۾ پرستار سان مخاطب ٿيندي لکيو ته سڀ کان پهريان ته مونکي قبول ڪرڻ ۽ منهنجي پرستار هجڻ تي اوهان جو شڪر گذار آهيان.
واضح رهي ته 1988 ۾ پهرين فلم بيوي هو تو ايسي ۾ اداڪارا ريکا جي ننڍڙي ڀيڻيويي جو ڪردار ڪرڻ واري سلمان خان کي هالي ووڊ تي راڄ ڪندي 36 سال ٿيڻ وارا آهن.
پنهنجي ٻين فلم مين ني پيار ڪيا ۾ سلمان خان مرڪزي ڪردار نڀائيندي گهڻي شهرت حاصل ڪري ورتي هئي، ان سپر هٽ فلم ۾ ڀاڳيا شري، موهنيش بهل، آلوف ناٿ ۽ ريما لاگو نج اداڪاري ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.