100 سيڪڙو فٽ ٿي ويو آهيان،ورلڊ ڪپ کٽي موٽندس:اعظم خان

قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اعظم خان پنهنجي فٽنس تي ڳالهائيندي چيو آهي ته 100 سيڪڙو فٽ ٿي چڪو آهيان، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ هدف آهي.
لاهور ۾ هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان ٽيم ڪافي بهتر ڪيو آهي، ان فارميٽ ۾ ٻن سالن تائين قومي ٽيم 1 نمبر تي رهي.
وڪيٽ ڪيپر ٻڌايو ته مونکي لڳندو آهي ته قومي ٽيم ۾ دنيا جا بهترين رانديگر موجود آهن، ورلڊ نه کٽڻ جو اسان وٽ ڪو جواز ناهي.
اعظم خان جو چوڻ هو ته بهتر کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مقابلو سخت آهي، جيڪڏهن ورلڊ ڪپ ۾ مقابلو مليو ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.