او آءِ سي ملڪ غزا ۾ جنگبندي لاءِ گڏجي ڪم ڪن: پرڏيهي وزير

بنجول (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪ فوري طور تي غزا ۾ غير مشروط جنگبندي ۽ بنا رنڊڪ انساني امداد جي فراهمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
گيمبيا ۾ او آءِ سي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير غزا ۾ جاري اسرائيلي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
هن خود مختيار فلسطيني رياست ۽ گڏيل قومن ۾ ان جي مڪمل رڪنيت لاءِ حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته او آءِ سي ملڪ عزا ۾ جنگبندي ۽ بنا رنڊڪ جي انساني امداد لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
سندس چوڻ هو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت معصوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، او آءِ سي ڄمون ۽ ڪشمير بابت ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري، اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن خلاف خراب ورتاءَ جي مذمت ڪريون ٿا.
اسحاق ڊار چيو ته او آءِ سي طرفان اسلامو فوبيا تي خاص ايلچي جي مقرري واکاڻ جوڳي آهي، ڀارتي اڳواڻن جي پاڪستان مخالف بيانن سان علائقائي استحڪام کي خطرو آهي، پاڪستان پرڏيهي اسپانسرڊ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي عالمي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، او آءِ سي ملڪ موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.