پاڪستان جي اذلان شاهه ڪپ ۾ مسلسل ٻئين فتح، ڏکڻ ڪوريا کي 4-0 تان شڪست

پاڪستان سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ ۾ مسلسل ٻين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
پاڪستاني هاڪي ٽيم ڏکڻ ڪوريا کي 4-0 تان شڪست ڏني.
ملائيشيا جي شهر ايپو ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ پاڪستان ٽيم بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو.
پاڪستاني ٽيم مئچ جي پهرئين هاف ۾ ٽي ۽ ٻئين هاف ۾ هڪ گول ڪيو.
پاڪستان طرفان حنان شاهد،ارشد لطيف،سفيان خان ۽ غضنفر علي گول ڪيا.
ياد رهي ته پاڪستان گذريل ڏينهن به ايونٽ جي پهرين مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.