اوٻاوڙي جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، بدنام ڌاڙيل مارجي ويو

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙي جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي آپريشن دوران بدنام ڌاڙيل مارجي ويو.
گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن جاري آهي، سنڌ ۽ پنجاب پوليس ڌاڙيل ثنو شر خلاف گڏيل آپريشن ڪيو.
پوليس آپريشن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ بدنام ڌاڙيل عالم شر مارجي ويو ۽ مٺو عرف ڪوري شر زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي مڪمل خاتمي تائين ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن جاري رهندو، ڪچي ۾ جيڪي به مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آهن کين جلد آزاد ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.