ورلڊ ڪپ کٽي اچڻ تي رانديگرن لاءِ هڪ-هڪ لک ڊالر انعام جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قومي ڪرڪيٽرن لاءِ انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي چيئرمين قومي ٽيم جي رانديگرن سان لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ملاقات ڪئي.
خابرو اداري موجب چيئرمين پي سي بي رانديگرن سان حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
چيئرمين پي سي بي محسن نقوي ورلڊ ڪپ کٽڻ تي هر هڪ رانديگر لاءِ هڪ لک ڊالر جو انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ڪامبيابي جي سامهون انعام جي ڪا حيثيت ناهي، اميد آهي ته رانديگر هن دفعي پاڪستاني جهنڊو سر بلند ڪندا.
هن رانديگرن کي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن دٻاءُ ۾ نه اچو، ڀرپور مقابلو ڪري ورلڊ ڪپ کٽي ڏيکاريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.