پاڪستان ۽ چين جو سي پيڪ منصوبن تي سهڪار وڌائڻ جو عزم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وائس چيئرمين زينگ جيان بينگ جي گيمبيا ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي 15هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ٿي.
پرڏيهي کاتي چيو ته ٻنهي ڌرين گڏيل فائدي لاءِ ويجهي اقتصادي سهڪار ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پائيدار سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري تي زور ڏنو، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن سي پيڪ منصوبن تي سهڪار وڌيڪ وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.