”جنهن وڏي وزير کي اسلام آباد چڙهائي جو شوق آهي ته پنهنجي ليڊر جو حشر ڏسي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 9 مئي وارو واقعو دهشتگردي هئي، معصوم ماڻهن کي ڏڦيڙ ۽ نفرت لاءِ استعمال ڪيو ويو، جنهن عوام کي 9 مئي تي پي ٽي آءِ باني استعمال ڪيو هو اهي سڀ جيلن ۾ ۽ پي ٽي آءِ باني جا پنهنجا ٻار لنڊن ۾ ويٺا آهن، جيڪو حشر ٻين جو ٿيو، اهو ئي علي امين گنڊاپور جو به ٿيندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پنهنجي اقتدار لاءِ ڪو اڳواڻ عوام کي بي وقوف بڻائي ته ان جي ڳالهه نه ٻڌڻ گهرجي، 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڪراچي ۾ بسن ۽ ايمبولينسز کي باهه ڏني وئي، جناح هائوس کي نقصان پهچايو ويو.
هن چيو اسان جي ترجيح ٽرانسپورٽ کي بهتر ڪرڻ آهي، منصوبن ۾ دير ٿيڻ نه ڏينداسين، بسن جي لاڳت گهٽ پر انفرا اسٽرڪچر تي وڌيڪ لاڳت ايندي آهي، جناح ايونيو ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي جون ڳالهيون ڪن ٿا، پاڪستان هاڻي صحيح رستي تي آهي ۽ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، اسان سڀني کي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جنهن وڏي وزير کي اسلام آباد چڙهائي جو شوق آهي ته پنهنجي ليڊر جو حشر ڏسي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.