آذربائيجان ۽ تاجڪستان جي يونيورسٽين جي پروفيسرن پاران سر سيد يونيورسٽي جو دورو

ڪراچي (پ ر) آذربائيجان جي باڪو يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر رڪيب ايف آفندي ۽ تاجڪستان اڪيدمي آف سائنسز جي فلڪياتي شعبي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فيروزا رحمت الوف سر سيد يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان دوران ٻنهي ادارن تعليمي ۽ تحقيقي منصوبن کي هٿي ڏيڻ بابت اختيارن ۽ موقعن جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر، ڊين فيڪلٽي آف سول انجنيئرنگ اينڊ آرڪيٽيڪچر پروفيسر ڊاڪٽر مير شبر علي، رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي، بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ڊاڪٽر عماد الحق، ميٿميٽڪس ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر اسما ظفر، چانسلر جو صلاحڪار سراج خلجي، پروفيسر ڊاڪٽر راشد ڪمال انصاري، ڊاڪٽر اينجلا رحيم ۽ فوزيه اقبال پڻ موجود هئا.

باڪو يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر رقيب ايف آفندي پنهنجي تحقيقي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جڏهن ته ڊين فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر پنهنجي پريزنٽيشن ۾ سر سيد يونيورسٽي جو مڪمل تعارف ڪرايو.

سر سيد يونيورسٽي ۽ باڪو يونيورسٽي آذربائيجان جي وچ ۾ علمي ۽ تحقيقي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

پروفيسر ڊاڪٽر راشد ڪمال انصاري، پروفيسر ڊاڪٽر رقيب ايف آفندي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فيروزه رحمت الوف هن اجلاس جي مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ پلان آف ايڪشن تيار ڪرڻ ۽ ان جي شروعات ڪرڻ لاءِ ورڪنگ پيپر تيار ڪري رهيا آهن.

سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين کي پروفيسر ڊاڪٽر رقيب ايف آفندي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فيروزه رحمت الفندي سووينئر پيش ڪيو.

جنهن جي جواب ۾ سرسيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کيس يونيورسٽي جو اعزازي نشان پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.