مريم نواز جي پوليس وردي ۾ ڊانس،حقيقت سامهون اچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پهرين عورت وزير اعليٰ مريم نواز به آرٽيفشل انٽيليجنس جي خطرناڪ ٽول ”ڊيپ فيڪ“ جو شڪار ٿي وئي.
ڪجهه ڏينهن پهريان عورت پوليس اهلڪارن جي پاسنگ پريڊ ۾ مريم نواز وردي پهري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو گردش ڪرڻ لڳي آهي، وڊيو ۾ مريم نواز کي هڪ گاني تي ڊانس ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
وڊيو ۾ مريم نواز کي ٻن ڇوڪرين جي ڊانس ڪرڻ واري وڊيو ۾ ايڊٽ ڪري لڳايو ويو.
سوشل ميڊيا تي مريم نواز جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد واهپيدارن طرفان شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي، واهپيدارن وڊيو ٺهائيندڙ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.