تقريب ۾ مداح درفشان کي چُمي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا درفشان سليم کي عورت مداح طرفان چُمي ڏيڻ جي مختصر وڊيو وائرل ٿي وئي.
اها وڊيو مقبول ڊرامي عشق مرشد جي پريميئر جي آهي، جنهن ۾ ڊرامي جي هيروئن درفشان سليم ۽ هيرو بلال عباس خان شرڪت ڪئي.
ڊرامي جو پريميئر 3 مئي تي لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ بلال ۽ درفشان سميت ٻي ڪاسٽ شرڪت ڪئي.
ڊرامي جي آخري قسط کي به 3 مئي تي سئنيما گهرن ۾ ڏيکاريو ويو هو.
پريميئر دوران مداحن بلال عباس ۽ درفشان سليم سان سيلفيون ڪڍرايون ۽ وڊيوز ٺاهيون، ان دوران هڪ عورت مداح اداڪارا سان سيلفي ڪڍرائي، پوءِ کيس ڳٽي تي چُمي ڏني، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا اهڙي حرڪت تي فوري طور مداح کان پري ٿي وڃي ٿي ۽ تيزي سان هجوم مان نڪري وڃي ٿي.
عورت مداح جي ان حرڪت کي سوشل ميڊيا واهپيدارن غير اخلاقي قرار ڏنو ۽ چيو ته ماڻهن کي اداڪارن جي پرائيويسي جو خيال رکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.