ٻيا صوبا سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي تي سڙن ٿا: مراد علي شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ سنڌ حڪومت جو مينڊيٽ آهي، ٻيا صوبا اسان جي بهتر ڪارڪردگي سان ٿورو حسد ڪن ٿا.
ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ پيپلز بس سروس جي آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم جو افتتاح ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان اڄ هن تاريخي موقعي تي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، اسان پنهنجي عوامي سهولت جي واعدي تي عمل ڪري رهيا آهيون، اسان کي هن عظيم قدم جو چيمپيئن هجڻ تي فخر آهي، اسان ملڪ ۾ مواصلات نظام کي نئين شڪل ڏئي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي جي حوالي سان هميشه اڳڀري رهي آهي.
هن ٻڌايو ته اليڪٽرڪ بسن کي هٿي ڏيڻ سان توانائي جي بچت ٿيندي، اليڪٽرڪ بسن کي هٿي ڏيڻ سان ماحول کي تحفظ ملندو، اي ايف سي سسٽم متعارف ڪرائڻ اسان جي ڪوششن ۾ اهم واڌ آهي، ان سان چرپر جي سهولت ۽ ڪارڪردگي ۾ واڌ ٿيندي، اسان عوام کي بهتر کان بهتر سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، ٽرانسپورٽ وارو وزير، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي انفرا اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر ڪندو، سنڌ حڪومت ان حوالي سان هر ممڪن سهڪار ڪندي، اسان پنهنجي قائد جي عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته اسان جو ٽرينڊ ريڊ بسز جو هو، اسان عورتن لاءِ پنڪ بسون شروع ڪيون، پاڪستان اهڙو واحد ملڪ آهي جنهن جي دنيا ساراهه ڪئي، سنڌ صوبو ايشيا ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ ڇهين نمبر تي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جو مينڊيٽ آهي ته هو سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪري، ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ دير ٿي، اسان ريڊ لائن کي جلدي سان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، سنڌ صوبو سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ صوبو آهي، ٻيا صوبا اسان سان ٿورو حسد ڪن ٿا.
وڏي وزير چيو ته 2022 ۾ اسان بدترين ٻوڏ ڏٺي، اسان ورلڊ بينڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ سان ڳالهايو ۽ هڪ ڏهائي 7 ارب ڊالر گڏ ڪيا، اسان اهو ٽن مهينن ۾ ڪيو.
وڏي وزير چيو ته اسان جي ڪارڪردگي کي ماڻهو خراب ڄاڻائي اهو چاهي رهيا آهن ته پيسو ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ٿي وڃي، مون کي ان تي افسوس آهي، اسان آءِ ايم ايف جي هر ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهيون، هڪ ارب ڊالر ملڻ تي اسان کي خوشي ٿي پر گذريل سال فيبروري ۾ هڪ ڏهائي 7 ارب ڊالر سنڌ لاءِ مختص ٿيا هئا تڏهن پاڪستان کي ڪير به ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار نه هو پر سنڌ کي ڏيڻ لاءِ تيار هو.
هن چيو ته چونڊن ۾ اسان سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کنيون، ڪراچي ۾ منهنجون اميدون ٻيون هيون پر هتي شايد اسان جي ڪوشش گهٽ رهجي وئي، اسان هتان جي لاءِ محنت ڪنداسين، اسان ڪراچي جي ماڻهن جي خدمت ڪنداسين.
ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ جي شعبي کي جديد ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي سان عوام جي سفر کي سولو بڻائي رهيا آهيون، آٽوميٽڊ سسٽم سان ڪرايو وٺڻ ۾ شفافيت ايندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ بس سروس متعارف ڪرائي، اسان عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، يورپ، آمريڪا، وچ اوڀر ۾ به عورتن لاءِ مخصوص بس سروس نه آهي.
هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي دير جو شڪار ٿي، ان جو سبب اهو هو ته 2019 ۾ ان جو ٽينڊر ٿيو، 2020 ۾ ٽينڊر ايوارڊ ٿيو، وري ان کانپوءِ اگهن ۾ واڌ ٿي ته پوءِ ڪانٽريڪٽرز جا مسئلا ٿيا.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته عبوري حڪومت جي دور ۾ ان ڳالهه تي ڪم نه ٿيو پر اسان جي حڪومت ايندي ئي ڪم شروع ٿي ويو، اهو سياسي ليڊرشپ جو ويزن هوندو آهي ۽ ڪجهه به ٿي وڃي، اهو ڪم ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.