پي ٽي اي جو نان فائلرز جون سمون بلاڪ ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي اي، ايف بي آر کي 5 لک کان وڌيڪ نان فائلرز جون سمون بلاڪ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پي ٽي اي، ايف بي آر جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نان فائلرز جون سمون بلاڪ ڪرڻ جو عمل اسان جي نظام سان مطابقت نٿو رکي ۽ قانوني طور تي اسان سمون بلاڪ ڪرڻ جا پابند ناهيون.
پي ٽي اي چيو آهي ته وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار مردن جي نالي تي سمون استعمال ڪندا آهن، پاڪستان ۾ عورتن جي نالي تي رڳو 27 سيڪڙو سمون آهن، انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2021 پي ٽي اي تي لاڳو نٿو ٿئي، سمون بلاڪ ڪرڻ سان ڊجيٽلائيزيشن کي نقصان پهچندو.
پي ٽي اي موجب وڏي انگ ۾ سمون بلاڪ ڪرڻ سان ٽيلي ڪام معيشت کي نقصان پهچندو، سمن جي بندش سان ٽيلي ڪام شعبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري کي ڌچڪو لڳي سگهي ٿو، بئنڪنگ ٽرانزيڪشنز، اي ڪامرس، موبائل اڪائونٽس استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا.
خط ۾ پي ٽي اي، ايف بي آر کي صلاح ڏني آهي ته سمون بلاڪ ڪرڻ کانسواءِ ٻين قانوني آپشنز تي غور ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.