ٽرانسپورٽ کاتو اڄ کان آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم شروع ڪندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ جي شعبي کي جديد ڪري رهيا آهيون.
ڪراچي ۾ سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي پاران پيپلز بس سروس جي آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي سان عوام جي سفر کي سولو بڻائي رهيا آهيون، آٽوميٽڊ سسٽم سان ڪرايو وٺڻ ۾ شفافيت ايندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ بس سروس متعارف ڪرائي، اسان عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، يورپ، آمريڪا، وچ اوڀر ۾ به عورتن لاءِ مخصوص بس سروس نه آهي.
هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي دير جو شڪار ٿي، ان جو سبب اهو هو ته 2019 ۾ ان جو ٽينڊر ٿيو، 2020 ۾ ٽينڊر ايوارڊ ٿيو، وري ان کانپوءِ اگهن ۾ واڌ ٿي ته پوءِ ڪانٽريڪٽرز جا مسئلا ٿيا.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته عبوري حڪومت جي دور ۾ ان ڳالهه تي ڪم نه ٿيو پر اسان جي حڪومت ايندي ئي ڪم شروع ٿي ويو، اهو سياسي ليڊرشپ جو ويزن هوندو آهي ۽ ڪجهه به ٿي وڃي، اهو ڪم ٿيندو.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان جو ٽرينڊ ريڊ بسز جو هو، اسان عورتن لاءِ پنڪ بسون شروع ڪيون، اهو پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي، سڄي دنيا ان جي ساراهه ڪئي، سنڌ صوبو ايشيا ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ ڇهين نمبر تي آهي.
هن چيو ته ان ۾ پاڪستان جو رينڪ 12هون آهي، سنڌ جو ٽيون پر اها ڳالهه اڄ کان 12 سال پراڻي آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مينڊيٽ آهي ته هو سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪن، ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ دير ٿي، اسان ريڊ لائن کي جلدي سان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.
ان کان اڳ پيپلز بس سروس جي آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم جو افتتاح وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪيو….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.