رستم لڳ ڪڻڪ جي ديري تي ستل 2 ڳوٺاڻا اغوا

چڪ (رپورٽ:نواب الدين مھر) رستم لڳ هٿياربند ڪڻڪ جي ٻار تي ستل 2 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، پيرا گم ٿي ويا. رستم ڀرسان ٻورڙي واري علائقي ۾ ڪڻڪ جي ٻار جي پهري تي ستل ٻن ڳوٺاڻن مير جاگيراڻي ۽ مولابخش بروهي کي هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا آهن ٻنهي مغوين جي وارثن موجب هٿياربند ڪڻڪ جي ٻار تي ستل مير جاگيراڻي ۽ مولابخش بروهي کي ڪيو ويو آهي، مغوين جا پيرا پوليس سان  کنيا جيڪي رستم جي ڪچي واري علائقي ۾ گم ٿي ويا آهن  واقعي  ٻنهي مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.