ڪراچي(رپورٽر)جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 2018ع جي اليڪشن خلاف جي يو آءِ جدوجهد ڪئي، 2024ع جي اليڪشن ۾ به ناٽڪ رچايو ويو، ڪراچي ۾ چونڊ نتيجن خلاف ” عوامي اسيمبلي“ جي عنوان سان شاندار جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي جلسو عوامي اسيمبلي جي عنوان سان ٿي رهيو آهي، جيڪي اسيمبليون وجود ۾ آيون آهن اهيجعلي اسيمبليون آهن، رڳو ووٽن جي هير ڦير ڪئي وئي، باقاعده اسيمبليون خريد ڪيون ويون، سنڌ جي اسيمبلي کان وٺي ايوان صدر جو به سودو ڪيو ويو،اسان انهن لاءِ رڪاوٽ بڻجي پئي سگهياسين تنهن ڪري جي يو آءِ کي هارائڻ انهن جو مقصد هو، انهن کي ڊپ هو ته جي يو آءِ اسيمبلين ۾ اچي وئي ته پوءِ اسان ٻيٽ نه وڪڻي سگهنداسين،نه ايوان صدر حاصل ڪري سگهنداسين، ياد رکو ته اسان پاڪستان جا وفادار آهيون، پر پاڪستان جي وفاداري جو معيار ڪجهه ٻيو آهي،هتي ملڪ سان وفاداري جي ڪا به قدر قيمت ناهي، جيستائين توهان اسٽيبلشمينٽ جا بوٽ نه چٽيندو،توهان کي ڪو به وفادار نه سمجهندو، هتي آفيسرشاهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي نوڪري ڪرڻي پوندي تڏهن توهان کي پاڪستاني تسليم ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪي پي ۾ جڏهن پ پ جي حڪومت هئي قبائلي علائقن ۾ فوجي آپريشن جو فيصلو ٿيو،اسان چيو ته آپريشن جي حڪمت عملي ڪم نه ايندي، اسان انهن کي سپورٽ نه ڪيو ۽ اهو وڏو گناهه هو،سمورن قبيلن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ مهاجر بڻايو ويو،کين تباهه ڪيو ويو، اسان جون مائرن ۽ ڀينرن کي بازارن ۾ پنڻ تي مجبور ڪيو ويو،هن چيو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه هجي ۽ اسان ساٿ نه ڏنو هجي،هن چيو ته جنرل باجوا چيو ته اسان افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار هڻائي آهي،ان تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، هزارين دهشت گرد واپس اچي ويا مان سرحد کي محفوظ بڻائڻ واري پاڪستان جي بهادر فوج کان سوال ڪريان ٿو ته اهي نوجوان ڪيئن واپس اچي ويا؟ملڪ ۾ دهشتگردي گهٽ ٿيڻ بدران وڌي وئي آهي، هن چيو ته ان جي معني آهي ته نه توهان ملڪ ۾ امن امان لاءِ سنجيده آهيو نه توهان جي حڪمت عملي ڪامياب آهي، توهان آمريڪا جي اصولن تي هلو ٿا، اسلامي ملڪن ۾ مداخلت لاءِ آمريڪا دهشتگرد موڪلي ٿو، اسلامي ملڪن کي ٽوڙڻ جو پروگرام آهي، فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، ڪشمير مان انڊيا جي فوج نڪرڻ گهرجي، حماس جي حملن کانپوءِ فلسطين جي آزادي ڏانهن پهريون قدم کڄي ويو آهي اسان فلسطينين سان گڏ آهيون، هن چيو ته اسان آمريڪا جي دٻاءُ تي فاٽا انضمام جي مخالفت ڪئي، آرمي چيف مون کي چيو ته توهان ڇو مخالفت ڪري رهيا آهيو،توهان ٻاهرين مفادن لاءِ قانون سازي ڪندا ته اسان مخالفت ڪنداسين ان جي سزا طور اسان کي اسيمبلين کان ٻاهر رکيو ويو، حماس اڳواڻن سان منهنجي ملاقات تي آمريڪا ناراض ٿي پيو،اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي ترجيحن کي قبول ڪري ٿي، اسان قوم جي مفادن کي آڏو رکون ٿا،هن چيو ته اسان جو گناهه اهو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اختلافن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪريون ٿا، آمريڪا امارات اسلاميه کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته اسان خودمختيار پاڪستان لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهيون، ملڪ ۾ جمهوريت جو خاتمو ڪيو ويو آهي،هن چيو ته ادارا ڇو تباهه ٿي ويا،معيشت جو خراب حال آهي، حالت اها آهي جو ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي،زرعي ملڪ هئڻ باوجود غريب بک ۾ بدحال لڳو پيو آهي هن چيو ته توهان آپريشن ڪيو، پر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ اچي ويو، اندر اندر ڌاڙيلن جي حمايت ڪريو ٿا، ائين پاليسيون هونديون آهن؟هن چيو ته رڳو اليڪشن مسئلو ناهي توهان کي پنهنجا طور طريقا تبديل ڪرڻا پوندا، اسان جي جدوجهد هڪ ڏينهن هڪ مهيني جي ناهي، ڏيکاءُ نه هلندا،ٻيهر منصفاڻي اليڪشن ڪرايو جيڪڏهن قوم مون کي نٿي چاهي ته مون کي ڪا شڪايت ناهي،هن چيو ته فوج جي هٿن ۾ جيڪا بندوق ڏني وئي آهي اها مون کي غيرمحفوظ بڻائڻ لاءِ ناهي ڏني وئي،اڄ پاڪستان هڪ غيرمحفوظ رياست ڇو بڻيو؟اها ڪنهن جي ذميواري آهي،؟ملڪ کي غيرمحفوظ بڻائڻ وارو ادارو پنهنجي روئي تي غور ڪندو؟غلطين جي اصلاح ڪرڻي پوندي،هن تحريڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي، ان کان اڳ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ملڪ سخت سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي،اليڪشن بوگس ۽ فراڊ هئي،سنڌ سان دوکو ڪيو ويو، ڪراچي ۾ جي يو آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي،هن چيو ته سنڌ بيروزگاري،مهانگائي، لاقانونيت ۽ غربت جي وڪڙ ۾ آهي،سنڌ جا ماڻهو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجا حقيقي نمائندا نه چونڊي سگهيا آهن،ڪنهن سوچيو ته ان سودي جا سياسي،سماجي ۽ اقتصادي نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ هن چيو ته فلسطين ۾ ظلمن تي مغربي حڪمرانن ۽ مسلمان ملڪن جي لاتعلقي مذمت جوڳي آهي،پاڪستان دهشت گردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن،هن چيو ته پيغام ڏنو پيو وڃي ته منظور نظر پارٽين ۾ شامل ٿيو يا وفاقي سياست کان لاتعلق رهو، سنڌ 16 سالن کان ملڪي سياسي ايجنڊا جو حصو ئي ناهي، ماڻهو سمجهي چڪا آهن ته ڪرپشن خلاف بيان رکو ڏيکاءُ آهي،هن چيو ته پاڪستاني حڪمران گورننس، خوشحالي ۽ ميرٽ کان لاتعلق آهن، ملڪ جي مستقبل ۽ وفاق سان کيڏڻ بند ڪريو،پاڪستان کي شفاف اليڪشن ۽ سخت احتساب جي ضرورت آهي،آزاد پرڏيهي پاليسي بڻائي وڃي،بوگس نتيجا رد ڪري ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي، جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ هن بوگس اليڪشن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون،15 سالن کان سنڌ ۾ ساڳيا آفيسر مقرر آهن،اليڪشن ۾ ساڳيا ڊي سي، اي سي، آر او مقرر ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن جو ڪردار تباهه ڪندڙ رهيو، اپوزيشن جا کٽيل اميدوار ڪيئن هارائي ويا؟ جي ايڇ ڪيو ۽ اسيمبلين ۾ ويٺلن کي چوان ٿو ته هي ملڪ ائين نٿو هلي سگهي،هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اڳتي وڌي،اسان هن سان گڏ آهيون،جعلي حڪمرانن کي وڃڻو پوندو،جي يو آءِ ناصر محمود سومرو چيو ته اسان قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا،اسان ماضي ۾ به تحريڪون هلايون آهن، 8 فيبروري جي چونڊن ۾ فراڊ ڪيو ويو آهي، نتيجن خلاف ميدان عمل ۾ اچي چڪا آهيون، هن ريفرنڊم اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏنو آهي ته توهان جي ان فيصلي کي ڪراچي جو عوام رد ڪري ٿو،هي عوامي اسيمبلي قوم جي آواز بڻجڻ لاءِ آئي آهي،غفور حيدري چيو ته هيل تائين رياست ايئن ئي هلي رهي آهي، جي يو آءِ نه هجي ها ته آئين جو حليو ئي بگڙي وڃي ها، 8 فيبروري جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، ماڻهو غربت جي لڪير ڏانهن ڌڪجي رهيا آهن ڇا رياست ائين هوندي آهي؟ حقن لاءِ ميدان ۾ نڪرڻو پوندو،سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي، هندستان اڳتي وڌي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻيٽن، ڪالاباغ ڊيم،ملڪ رياض جي قبضن تي اسان هر جدوجهد ۾ ساٿ ڏنو آهي، راشد محمود سومرو چيو ته پاڪستان ۾ انصاف جي نظام لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين، 2018ع ۾ اسان جي رقيب لاءِ ڌانڌلي ڪندا ته اها قابل قبول نه هوندي ۽ 2024 ع اسان جي رفيق لاءِ ڌانڌلي ڪندا ته اها به قابل قبول نه هوندي،اسان عوام جو مينڊيٽ چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ جي يو آءِ ميدان ۾ بيٺل آهي، هن چيو ته آخري ڳالهه بلاول ڀٽو زرداري کي چوڻ چاهيان ٿو ته هي سنڌ جو آواز آهي، هو چوي ٿو ته مولانا ڪي پي ۾ چونڊ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪري ڇا چونڊ رڳو ڪي پي ۾ ٿي آهي؟ توهان لاڙڪاڻي کي پنهنجو گهر سمجهو ٿا ته اسان ڇا لاڙڪاڻي ۾ ڪمبل وڪرو ڪرڻ ڪوئيٽا کان آيا آهيون؟ توهان ته نوابشاهه مان لاڙڪاڻي تي مڙهيا ويا آهيو، مان ته لاڙڪاڻي جو ازلي ۽ ابدي آهيان، اتي ئي دفن ٿيندس،بلاول صاحب توهان کي چئلينج ڪريان ٿو ته جوڙ توڙ جي سياست ڪريو ٿا، توهان پنهنجي مرضي جي تڪ بندي ڪري پريس ڪانفرنس ڪري چئو ٿا ته اسان لاڙڪاڻي ۾ مولوين کي هارايو آهي، 2018ع ۾ لاڙڪاڻو عوامي محاذ جي اڳواڻ توهان کي شڪست ڏني هئي،بلاول پراڻي تڪ بندي بحال ڪريو ۽ صاف شفاف اليڪشن ڪرايو جيڪڏهن توهان کي لاڙڪاڻي ۾ شڪست نه ڏني ته پوءِ ڪڏهن به آئنده لاڙڪاڻي ۾ توهان جو مقابلو نه ڪنداسين،ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، عوامي جدوجهد مفاهمت ۽ مصلحت لاءِ ناهي هوندي، ادارا پنهنجو ڪم ڪن، صاف شفاف کانسوءِ ملڪ نٿو هلي سگهي، اهڙي جدوجهد هجي هن جعلي اسيمبلي جو خاتمو ٿئي،عوام جو اصل مينڊيٽ جو احترام ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته معيشت جي ترقي ڪنهن اداري جي هوندي يا ڪنهن کي ملڪ ٺيڪي تي ڏيڻ تي هوندي؟ اسان جي فوج به ٺيڪي تي هوندي ۽ اسان جا وسيلا به کسجندا ته اسان ڪيڏانهن وينداسين، جلسي ۾لکين ماڻهن شرڪت ڪئي،جلسي ۾ مينڊيٽ چور اسيمبلي، مينڊيٽ چور چونڊ نتيجا ،نامنظور نامنظور،اسرائيل مرده باد جا نعرا هنيا ويا