ٻن سالن دوران مهانگائي جو گهٽ ٿيڻ معاشي بهتري جا آثار آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻن سالن ۾ مهانگائي جو گهٽ ترين سطح تي اچڻ معاشي بهتري جا آثار  آهن، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت ڪئي ۽ پوءِ ان کي نگران حڪومت جاري رکيو، ان جا اثر سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته مهانگائي جي شرح 39 سيڪڙو هئي، پهريان 20 سيڪڙو ۽ هاڻ 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، مهانگائي گهٽائڻ پهريون هدف آهي، الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي سان عوام کي وڌيڪ رليف ملندو. سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ سان عوام کي رليف ملندو، ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه هيٺ آيا آهن، ائين ئي هلندا رهياسين ته عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.