اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شماريات واري اداري مهانگائي بابت ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي. شماريات بيورو موجب مارچ 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 20.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي پر اپريل ۾ اها شرح 3.4 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ 17.3 سيڪڙو تي رڪارڊ ڪئي وئي. شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.1 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ اپريل ۾ اها شرح 19.4 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 0.9 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ شرح 14.5 سيڪڙو رهي. شماريات واري بيورو موجب اپريل 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 36.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان اپريل تائين مهانگائي جي شرح 25.97 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.