سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين جا تفصيل گڏ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل 31هين اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪراچي  پوليس آفيس (ڪي پي آئي) حملي جي جاچ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دهشتگرد حملي ۾ هڪ مدرسي جو استاد ملوث هو جيڪو ان ئي وقت آپريشن دوران مارجي ويو. خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب، چيف ڪليڪٽر ڪسٽم يعقوب ماڪو، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي زعيم اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. غير قانوني مهاجر: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن (LEAs) ايپڪس ڪميٽي کي هڪ تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 17 فيبروري 2023 تي ڪي پي او حملي ۾ هڪ مدرسي جو استاد ملوث هو جيڪو دهشتگرد جي روپ ۾ ٽيچر هو ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪي پي او تي حملو ڪيو.ايجنسين پاران ڪي پي او ڪليئرنس آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جي فنگر پرنٽس ۽ ٻين جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته انهن ۾ هڪ مدرسي جو استاد هو. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته مدرسن سميت مختلف تعليمي ادارن ۾ غير قانوني پناهه گير پڙهي رهيا آهن. ان تي وڏي وزير اپيڪس ڪميٽي جي ميمبرن سان صلاح مشورا ڪندي صوبي ۽ تعليمي ادارن ۾ غيرقانوني طور رهندڙن جي گڏيل ميپنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن غير قانوني ڌارين ماڻهن جي اصل ڊيٽا تيار ڪري سگهجي.   اجلاس کي بريفنگ ڏيندي گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ ٻڌايو ته 43762 ۽ 1653 غير قانوني پناهه گيرن کي وطن واپس آندو ويو آهي. 42109 غير قانوني مهاجر رضاڪارانه طور تي واپس آيا آهن، 81106 پروف آف ريزيڊنس (پي او آر ) ڪارڊ هولڊر آهن ۽ 65936 وٽ ٻيا ڪارڊ آهن. واضح ڪيو ويو ته 57000 جعلي/بوگس سڃاڻپ ڪارڊن اڳ ئي بلاڪ ڪيا ويا آهن جڏهن ته 17217 بلاڪ ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن. مراد علي شاهه چيو ته صوبي خاص ڪري ڪراچي ۾ رهندڙ غير قانوني پناهگيرن جي گڏيل ميپنگ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي واپسي لاءِ موثر ڊيٽا تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته سنڌ پوليس (اسپيشل برانچ) ۽ لاڳاپيل وفاقي حڪومتي ادارن پاران گڏيل ميپنگ ڪرائي وڃي.  هوڏانهن سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته صدر آصف علي زرداري واضح ھدايتون ڏنيون آھن ته ڏوھارين جي سرپرستي يا سھولتڪاري ڪرڻ وارو ڪير به ھجي اُن سان ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي، اپيڪس ڪميٽي جي 31ھين اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، غير قانون طور ترسيل پرڏيھي شھرين خلاف ڪارروائين، ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين خلاف آپريشن به شامل آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اجلاس ۾ منشيات ۽ غير قانون وطن تياڳيندڙن جي حوالي سان اھم ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي ۽ گذريل ڏينھن صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ اجلاس ۾ به منشيات بابت ڳالھيون ٿيون. ھن چيو ته منشيات فروشن جا برا ڏينھن شروع ٿي ويا آھن، جيڪڏھن اُھي منشيات فروشي کان نه مُڙيا تھ سندن حشر برو ٿيڻ وارو آھي. ھن چيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رھيا آھن. صوبي جي بارڊر وارن علائقن ۾ گڏيل چيڪ پوسٽون جوڙيون وينديون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته ھن وقت ايڪسائز ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتو سرگرم آھي ۽ ايڪسائز ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي 200 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا آھن. سنڌ ۾ رينجرز، پوليس ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فروس منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون ڪري رھيا آھن.ھن چيو ته غير قانوني وطن تياڳيندڙز جي نشاندھي ڪئي پئي وڃي ۽ سندن ڊيٽا جمع ڪيو پيو وڃي، غير قانوني پرڏيھي جن بھ جاين تي پناھھ وٺن ٿا اُنھن جي به مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ڪنھن به ملڪ ۾ پرڏيھي غير قانوني طور تي رھي نه ٿا سگھن، پاڪستان مان به غير قانوني پرڏيھين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويندو ۽ غير قانوني وطن تياڳيندڙن خلاف قومي پاليسي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي..

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.