ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪروڙين رپين جوسون ۽ پرڏيهي ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان ڪسٽم جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪليڪٽريٽ جناح ٽرمينل ڊپارچر لائونج تي ڪارروائي ڪندي سون  جي زيورن ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽم محمد فيصل خان ميڊيا کي ٻڌايو ته پرڏيهه ويندڙ مسافرن جي نگراني سخت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ان دوران اختيارين کي پنجن ڄڻن جي ڪٽنب جون سرگرميون شڪي نظر آيون، جنهن جي جاچ ڪئي وئي ته انهن وٽان 9.5 ڪلو تيار ٿيل سون جون چوڙيون ۽ زنجيرون هٿ ڪيون ويون آهن، جن ۾ 19 ڪروڙ رپيا ماليت جا سڪا آهن. هن چيو ته تلاشي دوران گهرڀاتين وٽان 1172 ڊالر ماليت جا ڏکڻ آفريڪي درهم ۽ ريال پڻ هٿ ڪيا ويا.

  1. آن لائن جعلي دوائن جي وڪري ۾ ملوث ڊاڪٽر سميت 2 جوابدار گرفتار

اسلام آباد (بيورو) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) جي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد آن لائن جعلي دوائن جي وڪري  ۾ ملوث ڊاڪٽر سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب ايف آءِ اي جي ترجمان چيو ته گرفتار جوابدارن ۾ ڊاڪٽر احمد فرحان ۽ عاطف فياض شامل آهن. جوابدار احمد فرحان پمز اسپتال ۾ بطور ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر هو.

  1. ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ پهريون ڀيرو پوليو وائرس جي تصديق

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ ۽ ميرپورخاص جي ماحولياتي نمونن ۾ پهريون ڀيرو  پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.اختيارين موجب اپريل ۾ سڄي ملڪ جي 10 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.اختيارين ٻڌايو ته ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته سکر ۽ جيڪب آباد جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.