آچر آرام جو ڏينھن هوندو آهي پر اسلام آباد ۾ ويٺل پاڪستان جي حڪومت هلائيندڙ محنتي ماڻھن لاءِ اهو آرام جو ڏينھن ناهي. اهي ان ڏينھن تي به ڪم ڪندا آهن. هر آچر جيان گذريل آچر به گھڻو مختلف نه هيو. وزيراعظم شھباز شريف سمنڊ پار دوري تي هيو پر هن اسلام آباد ۾ پنھنجي ڪمن کان پاڻ کي پاسيرو نه ڪيو. هن اتي هوندي ئي ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جنھن ڳالهه جو اندازو هيو بلڪل ائين ئي ٿيو. اهو نوٽيفڪيشن صحافتي حلقي ۽ ٻين ماڻھن وٽ بحث جو موضوع بڻجي ويو.
ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته نواز شريف ٻيھر پاڻ کي مضبوط ڪري رهيو آهي؟ ان وسيلي شھباز شريف لاءِ ڪھڙو پيغام آهي؟ انھن سوالن سان ڪجهه ڏينھن ميڊيا تي خبرون هونديون ۽ ان وسيلي وري راڻا ثنا ﷲ ۽ جاويد لطيف جيڪي پھرين ڪنڊائتا ٿي ويا انھن کي ميڊيا ۾ انٽرويوز ڏيڻ ۽ ميڊيا تي اچڻ جو موقعو ملي ويندو.
ٻين لفظن ۾ ڊار جي مقرري سان انهن ڳالھين کي وڌيڪ هوا ملندي ته حڪمران جماعت اندروني انتشار جو شڪار آهي. پارٽي اندر اختلاف نئين ڳالهه ناهن. 2016 ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي وقت به پارٽي اختلافن جي ور چڙهيل هئي.اهو جاويد لطيف جي انٽرويوز جي ڪري ناهي جنھن کي ان دور ۾ به ڪافي وقت هيو انٽرويوز ڏيڻ لاءِ جڏهن هو بنا ڪنهن کاتي هجڻ جي وزير هيو ۽ اڄ ته وٽس نه وزارت آهي نه هو ڪو اسيمبلي ميمبر آهي. ان صورت ۾ هن وٽ اڃان وڌيڪ وقت آهي. جاويد لطيف ۽ راڻا ثنا ﷲ جا انٽرويو نواز ليگ جي چونڊن ۾ شڪست بابت ۽ ٻنھي جي هڪٻئي مٿان الزام تراشي پارٽي جي باري ۾ گھڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي.ٻئي نواز شريف جي ويجھو سمجهيا وڃن ٿا ۽ ٻنھي کي پارٽي سربراهه جي پٺڀرائي حاصل آهي. جنھن سان چونڊن بابت وڌيڪ سوال جنم وٺي رهيا آهن.
پر اهو صرف شريف خاندان جي گھر اندر تضاد جو معاملو ناهي پر پارليامينٽ مان نواز شريف جي مسلسل غير حاضري ۽ اسلام آباد حڪومت بدران فقط پنجاب ۾ پنھنجي ڌي مريم نواز سان گڏجي ڪڏھن نان ۽ ماني جا اگهه چيڪ ڪرڻ ته ڪڏھن ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪرڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو اسلام آباد ۾ حڪومت کان پاڻ کي پاسيرو ڪري پنجاب ۾ پنهنجي ڌيءُ جي مستقبل تي وڌيڪ توجهه ڏئي رهيو آهي.
پر ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي هڪ ڦيرو آندو آهي. نواز شريف جي ويجھو سمجهيا ويندڙ ماڻھو انٽرويوز ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون تي زور ڏئي رهيا آهن. واپاري شعبي سان لاڳاپيل عارف حبيب پڻ شھباز شريف کي اهڙي صلاح ڏني پر هن کي ڪو خاطر خواہ جواب نه ملي سگھيو.
ان سان ئي گڏ هڪ پارٽي گڏجاڻي کانپوءِ راڻا ثنا ﷲ اعلان ڪيو ته نواز شريف کي پارٽي سنڀالڻ لاءِ چيو ويندو. ڇاڪاڻ ته ڪيسن مان بري ٿيڻ کانپوءِ هاڻي هن لاءِ ڪا به قانوني رڪاوٽ نه آهي. ۽ هاڻي وري ڊار جي مقرري. ان سان ڪافي سوال اٿن ٿا. جيڪڏهن ڊار کي پھرين ڏينھن کان ئي ڊپٽي وزيراعظم بڻايو وڃي ها ته شايد ايڏو بحث نه کلي ها پر سندس هن وقت مقرري ڪنهن تبديلي جو پيغام آهي گڏوگڏ طاقت جي مرڪز ۾ پڻ تبديلي جو اشارو آهي.
ٻيو شريف فيملي اڃان تائين ملڪ اندر ان بحث کي نه سمجهيو آهي جنھن ۾ چيو وڃي ٿو ته هڪ ئي خاندان ملڪ تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. پھرين ھڪ ئي گھر مان وزيراعظم ۽ وزير اعلي ۽ هاڻي ٽيون ڊپٽي وزيراعظم. هنن ائين ڇو ڪيو؟
ٽيون ته ان سان خود حڪومت ۽ شهباز شريف جي طاقت تي پڻ سوال اٿندا جو اڳ ۾ ئي اهو تاثر آهي ته شهباز شريف وٽ ته ڪو اختيار ڪونھي. سندس ڪابينا جا وزير به هن جي مرضي جا ناهن. ٻيا سمورا ڪم اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت هلايا پيا وڃن.اهو دليل هتي ناڪافي آهي ته ڊپٽي وزيراعظم جي پوسٽ ڪا علامتي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اسحاق ڊار تي اهو لاڳو ناهي جو هو نواز شريف جي گھڻو ويجھو آهي.
لنڊن ۾ خود جلاوطني واري وقت ۾ کيس پاڪستان گهرائي ناڻي وزارت ڏني وئي ان ڪري هاڻي اهو چوڻ ته کيس ڊپٽي وزيراعظم فقط علامتي طور ڪيو ويو آهي اهو درست ناهي. نواز ليگ جي گذريل حڪومت ۾ محمد زبير جي اها ڳالهه به ياد رکڻ گھرجي جنھن ۾ هن چيو ته نجڪاري جو سڄو عمل اسحاق ڊار جي ڪري رڪيل رهيو.جيئن پرڏيھي وزير هوندي هن ايئرپورٽس وغيره جي نجڪاري خاموشي سان ڏٺي تيئن ئي هو اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي فيصلن کي رد نه ڪري سگھندو. بحيثيت ڊپٽي وزيراعظم يا پرڏيهي وزير هو ان ادارتي فورمن ۾ موجود هوندو ۽ صرف خاندان جي پنجاب چيپٽر جي مفادن ۽ موقف جي نمائندگي ڪندو رهندو.
معاشي ۽ مالياتي معاملن ۾ هن جي ڪردار سبب اھو اثر شهباز شريف مٿان ٿي سگهي ٿو جيڪو اسلام آباد ۾ نواز ليگ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ ملڪ جو وزيراعظم آهي. پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن کان سواءِ ڪو به نه ٿو سمجهي ته هي هڪ بهتر فيصلو آهي. ان جا نتيجا خاص نه هوندا. ان سان وڌيڪ خواري خرابي ٿيندي ٻيو ڪجھه نه.
(ليکڪه: عارفا نور)