ھڪ سوال ذھن ۾ گونجي رھيو آھي ته ڪالهه مزدورن جو ڏينهن هو پر مزدور تحريڪ ڪٿي آھي؟ ڇا شڪاگو جي شھيدن ۽ ماضيءَ جي مزدور تحريڪ جي ياد ۾ نڪرندڙ ريلين ۽ ميڙن کي اسين مزدور تحريڪ جو نانءُ ڏئي سگھون ٿا. اسان پنھنجي دل کي خوش ڪرڻ ۽ خود فريبي جو شڪار ٿيڻ خاطر ته ڀل ائين ڪيون پر اڄ جو تلخ سچ اھو آھي ته اڄ اسان کي انقلابي مزدور تحريڪ جو ڪٿي نانءُ نشان به نظر نٿو اچي. اسان کي گھٽ ۾ گھٽ پنھنجو پاڻ سان سچ ڳالهائڻ گھرجي.
ٽيڪنالاجي جي انقلاب اڄ سڄي دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آھي. صبح جو سڀني عالمي نشرياتي ادارن تي شڪاگو جي شھيدن جي ملڪ آمريڪا ۾ مزدور تحريڪ بجاءِ شاگرد تحريڪ جي نئين اڀار جا منظر ڇانيل نظر آيا. صيھوني رياست اسرائيل جي سڀ کان طاقتور ڀرجھلي رياست آمريڪا ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ فلسطينين جي قتل عام خلاف 21 صديءَ جي پھرين شاگرد بغاوت آمريڪا جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ جنم ورتو آھي.
مزدور تحريڪ جيان شاگرد تحريڪ به پرامڻ مظاھرن کان شروع ٿي ھاڻي لاس اينجلس ۾ پرتشدد ڪاررواين تائين پهچي وئي آھي. جڏھن پرامن مزاحمت جون راھون بند ڪيون وينديون آھن ته پرتشدد تحريڪ ئي ان جي ڪک مان جنم وٺندي آهي. ڪالھ جڏھن نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽي جي پرامن مظاھرن کي غير قانوني قرار ڏئي يونيورسٽي انتظاميا پوليس جي زور تي يونيورسٽي خالي ڪرائي ته اڄ لاس اينجلز ۾ پرتشدد مزاحمت جو آغاز ٿي ويو آھي. ڇھن مھينن تائين جنھن رياست فلسطينين جي قتل عام لاءِ ھٿيار، بارود ۽ سرمايو ٿي فراھم ڪيو اڄ پنھنجي گھرو بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو آھي ته بس جلدي ڪيو، ھاڻي جو ھاڻي جنگبندي ڪيو! آمريڪي شاگرد تحريڪ جو ھڪ انتھائي اھم پھلو اھو به اڀري آيو آھي ته اھا سرمائي جي استحصال خلاف به آواز بلند ڪري رھي آھي جيڪو دراصل انقلابي مزدور تحريڪ جو جوھر رھيو آھي. فلسطين ۾ جنگبندي جي مطالبي سان گڏ شاگردن اھو مطالبو به زور شور سان کڻڻ شروع ڪيو آھي ته آمريڪا جي تعليمي ادارن جو مالي طري انھن سمورين سرمائيڪار ڪمپنين سان تعلق منقطع ڪيو وڃي جيڪي ھن انسانيت سوز جنگ مان نفعو ڪمائي رھيون آھن. اھو سرمائيداري جي ڪرنگهي جي ھڏيءَ تي حملو آھي. ھي مطالبو سمورين جاري جنگين جي اصل جوھر کي وائکو ڪري رھيو آھي. جتي انسانيت جو درد ھوندو اتي ظلم، استحصال ۽ غلاميءَ خلاف بغاوت جو علم به ضرور بلند ٿيندو.
اڄ سڄي دنيا تي استحصالي سرمائي جو راڄ آھي جنھن جي ظلم جو شڪار آمريڪا جو شاگرد به آھي. سرمائي جي اجرتي غلاميءَ ان پيچيده نظام کي جنم ڏنو آھي جنھن انسانذات کي شخصي آزادي ۽ جمھوريت جي سحر ۾ جڪڙي اجتماعي انسان دوست تحريڪ جون راھون بند ڪري ڇڏيون هيون. فلسطين ۾ گذريل ڇھن مھينن کان جاري وحشياڻي قتل عام جي منظرن آمريڪا ۽ يورپ جي نئين نسل کي پنھنجي ذاتي خول مان ڪڍي اھو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي ته، ‘اسان ته پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ مھذب سمجھي رھيا آھيون پر ھي اسان جون ئي حڪومتون ھن ايڏي وحشياڻي قتل عام ۾ ملوث ڇو آھن؟’ ۽ جڏھن ذھن جا بند دروازا کلڻ لڳندا آھن ته تھذيبَ جي پوشاڪ پھريل قاتلن جا چھرا به صاف نظر اچڻ لڳندا آھن. اڄ شڪاگو جا مزدور ته خبر ناھي ڪھڙي حال ۾ آھن پر نيويارڪ ۽ لاس اينجلس جا شاگرد بغاوت جو علم بلند ڪري بيٺا آھن.
ورھاڱي کانپوءِ اسان جي سنڌ ۾ به بغاوت جو پھريون علم 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ئي بلند ڪيو ھيو. اسان جي قومي غلاميءَ توڻي طبقاتي ڏاڍ خلاف تحريڪ جا اصل روح روان به ته اسان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد ئي رھيا آھن ۽ جڏھن کان اسان انھن کي غير سياسي بڻائي ذاتي ترقيءَ جي پرفريب راه تي گامزن ڪيو آھي تڏھن کان مزدور تحريڪ به سوديباز ٽريڊ يونينن جي حوالي ٿي وئي آھي. ٿورو سوچيو، لڪير جا فقير نه ٿيو، ڪالهھ جيڪو 19 صدي ۾ ڪارل مارڪس لکيو، 20 صدي ۾ لينن ڪيو، مائو ڪيو ۽ چيو، ھوچي منھ ۽ ڪاسترو ڪيو، توھان ۽ اسان چيو ڪيو، اڄ جي 21 صديءَ جي دنيا ۾ انھن جو ڪو وکر مدي خارج ٿي چڪو ھوندو ۽ ڪنھن جي افاديت اڄ به قائم ھوندي.
دنيا ابتدائي صنعتي دور کان نڪري ٽيڪنالاجي جي دور ۾ داخل ٿي وئي آھي، جسماني پورهئي ۽ استحصال جي جاء ذھني پورھيو ۽ استحصال والاري رھيا آھن. ڪالھ جن ڪارخانن جو ڦيٿو غريب ڏتڙيل مزدور پنھنجي پورھيت ھٿن سان ھلائي رھيو ھيو اڄ اھو چرخو اعلیٰ تعليم يافته نوجوان ھلائي رھيا آھن. سو اسان کي سوچڻو پوندو ته 21 صديءَ ۾ آزادي ۽ انقلاب جو ھراول دستو صنعتي مزدور ھوندو يا اعليٰٰ تعليم يافته نوجوان؟ دنيا ڪيڏي به بدلجي ويئي ھجي پر اھا حقيقت به پنھنجي جاءِ تي قائم آھي ته سرمائيداري نظام جو استحصالي جوھر جيئن جو تيئن قائم آھي، سرمائي جو محدود ھٿن ۾ مرڪوز ٿيڻ جو عمل به جاري آھي ۽ جيري خاطر ٻڪري ڪھڻ يعني سرمائيداراڻي منافعي خاطر انسان ذات جو قتل عام به جاري آھي ۽ دنيا تي غلبو حاصل ڪرڻ جي جنگ به جاري آھي. سو جتي جنگ ھوندي اتي امن جي تحريڪ به ھوندي جتي غلاميءَ جا روز نوان ٽڪساٽ پيا ٿيندا اتي آزاديءَ جي جدوجھد به تڏھن ڪاميابي ماڻيندي جڏھن اھا نئين دنيا جي حقيقتن کان روشناس ھوندي.