ننڍپڻ ۾، مون هڪ عجيب و غريب لفظ ٻڌوھو ۽ چڪرائجي ڪري پيو ھوس .ڏاڍي خراب طريقي سان ڪريو ھوس،جو ننڍي جو ننڍو ئي رهجي ويس ۽ پوڙهي کک ٿيڻ کانپوءِ اڄ تائين بھ ننڍو آهيان. ”وارو ڪر ننڍي پڪڙ ڏي، ڪاري ۽ ڦڪي گاڏيءَ جا ڊينٽ ڪڊ“. مان اڄ تائين ان ماڻهو جي باري ۾ سوچيندو رھندو آھيان، جنهن ايتري قدر بيھودا لفظ ايجاد ڪيا ھئا. جيڪڏھن منھنجي وس ۾ ھجي ھا، ته مان کيس وعدي معاف شاھد بڻائي، آخرڪار ھن کي ڦاھي تي ٽنگائي ڇڏيان ھا. پر اهڙي انوکي ڪارڪردگي منھنجي وس جي ڳالھھ نھ آھي.اهو انوکو ۽ سمجھه ۾ نھ ايندڙ لفظ آهي، استحقاق.
ننڍپڻ ۾جڏهن مون پهريون ڀيرو اڻ واقف لفظ استحقاق ٻڌو ھو،تڏھن کان اڄ تائين، جڏهن مان پوڙھو ٻار رھجي ويو آهيان، مون نامراد پيچيدھ لفظ استحقاق جي باري ۾ سوچيو ۽ جاچيو آهي،مان ان ٻاراڻي نتيجي تي پھتو آھيان ته الله سائينءَ ڪنهن کي استحقاق ڏئي ڪري هن دنيا ۾ نه موڪليو آهي. استحقاق ھن دنيا جي ڪهڙي بلا آهي، جيڪا آخرڪار وبال جان بڻجي وڃي ٿي، يا وبال جان بڻجي ٿو وڃي.ڇاڪاڻ ته مان هڪ ٻار آهيان ۽ ٻارن سان گڏ ئي منھنجو اٿڻ ويھڻ ۽ جيئڻ،مرڻ آهي، تنهنڪري ٻار ھئڻ جي ناتي مان نٿو ڄاڻان تھ استحقاق مذڪر آھي يا مونث آھي. اسان ٻار نٿا ڄاڻون ته استحقاق جن آهي يا ڀوت آھي ؟ اسان ٻار اھو بھ نٿا ڄاڻون ته استحقاق چرند آھي يا پرند آهي ؟ ڇا کائي ٿو، ڇا پيئي ٿو؟ عام طور تي استحقاق پاڪستان ۾ ڪٿي موجود ملندو آھي ؟ ان وچ ۾ کوجي ٻارن پتو لڳائي ورتو تھ استحقاق نالي واري شيءِ،توهان جي عزت، توهان جي آبرو، توهان جي احترام جيان توهانکي ڪمائڻي پوندي آھي. گهر ۾ ويهي توھان نالو نٿا ڪمائي سگهو. سٺا ڪم، سٺي ڪارڪردگيءَ جي عيوض توھان جي عزت ڪئي ويندي آھي. توهان جڏھن ٻين جو احترام ڪندا آھيو، تڏھن ٻيا ماڻھون بھ توهان جو احترام ڪندا آھن. پر استحقاق توھان پنهنجي سٺي ڪارڪردگيءَ سان نھ ڪمائيندا آھيو، پر استحقاق توھان کي ملندو آھي. ڪيئن ملندو آھي ؟ ڇو ملندو آھي،ڪھڙين حالتن ۾ ملندو آھي، اسان ننڍڙا ٻارن نٿا ڄاڻون ۽ اهو ڇو آھي تھ استحقاق مخصوص ماڻھن کي ملندو آھي.پوءِ اھو چاھي وڏي درجي جو ناڪارا ۽ بيڪار ماڻهو ڇو نه ھجي.ھڪ ٻي ڳالهھ جنھن ٻارن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي.سو اهو آهي ته استحقاق نھ ڪنهن ڏٺو آهي، نه ڪنهن جاچيو آهي.
منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته غير مانوس لفظ استحقاق کي ڪنھن جو ڏٺل واٺل نھ آھي.ان عجيب وغريب لفظ جي جسماني ياطبعي شڪل و صورت نھ آهي. ٻارن کي ان ڳالھه به پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته استحقاق اڪثر مجروح يعني زخمي ٿي ويندو آهي. جنھن لفظ جي طبعي يا جسماني شڪل نه هجي،ھئيت نه هجي، ان جي زخمي ٿيڻ جي ڳالھھ ٻارن کي سمجه ۾ نٿي اچي.بال لڳڻ سان، جلسن جلوسن دوران، ڏنڊن لڳڻ سان توھان جو مٿو زخمي ٿي سگھي ٿو،يعني توھان جو مٿو مجروح ٿي سگھي ٿو.توھان جي ساڄي کاٻي ٻانھن زخمي ٿي سگھي ٿي.توھان جو گوڏو،توھان جي ڄنگھه زخمي ٿي سگھن ٿا.
استحقاق ڪيئن مجروح ٿي سگھي ٿو ؟هر عمر جي ٻارن لاءِ سوچڻ جي ڳالھھ آھي.جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ نھ اچي،جنھن شيءِ جي شڪل و صورت نھ ھجي، اھا ڪئين زخمي ٿي سگھي ٿي ؟ آھي نھ مونجھارن ۾ وجھڻ واري ڳالھھ ؟ توهان جي عزت، توھان جو احترام زخمي نٿو ٿئي.توهان ڪڏهن به نه ٻڌو ھوندو ابتن سبتن ڪمن ڪرڻ ڪري، ھيراڦيري ڪرڻ سان ته ڦلاڻي صاحب عزت مجروح ٿي وئي، دوکي ،ٺڳيءَ سان توھان جي ڪمايل عزت ۽ احترام وڃائجي ويندي آھي. پر توھان جي شھرت زخمي نھ ٿيندي آھي،غلط ڪم ڪرڻ جي ڪري توھان جي شھرت وڃائي ويھندا آھيو . آخر اھو لفظ استحقاق ڪھڙي شيءِ آهي؟ ڏسڻ ۾ نھ ايندو آھي، پر اهو اڪثر زخمي ٿيندو رھندو آهي. اسان الله سائين جي ٻانهن وٽ استحقاق ڇو نه ھوندو آھي؟ اسحقاق آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن وٽ ڇو هوندو آهي، اھو ڳجھھ ٻارن جي سمجهھ کان مٿي آھي.
استحقاق جي اصطلاح سمجھڻ جي لاءِ، ٻار جهنڪور جي سؤ ساله پراسرار نانا سان ملڻ جو فيصلو ڪيو. جھنڪور جھنگوي جو پراسرار نانا زماني ساز ھو، اھو زماني ساز ان ڪري ھو ڇاڪاڻ ته هو ڪيترائي ساز وڄائي سگهندو هو ۽ راڳ درٻاري کي سڀني راڳن تي ڳرو سمجهندو هو ۽ وڏي واڪي چوندو ڦرندو ھو ، ھڪ راڳ درٻاري، سڀني راڳن تي ڀاري،نانا درٻاري جي ڳولا ۾ ٻار اھڙي علائقي مان گذريا جتي تمام وڏيون وڏيون ڪوٺيون ٺھيل ھيون.ٻارن محسوس ڪيو تھ استحقاق انھن ڪوٺين مان ڪنھن تمام وڏي ڪوٺي ۾ رھندو ھوندو.ھڪ تمام وڏي ڪوٺي ٻاھران ويٺل ٿلھي متاري گن مين کان ٻارن پڇيو ” ڇا ھن ڪوٺي ۾ اسحقاق رھي ٿو آھي ؟“جواب ڏيڻ بجاءِ چوڪيدار ڪڙڪيدار آواز ۾ پڇيو ” اھو استحقاق صاحب ڪير آھي ؟ “ٻارن چيو ” اھو تھ اسين نٿا ڄاڻون تھ استحقاق ڪير آھي اھو اڪثر مجروح ٿيندو رھندو آھي.“چوڪيدار مڇن کي تائو ڏيندي چيو تھ” ھن ڪوٺيءَ ۾ تھ سردار ھيبت خان جبل رهندو آهي، هو زخمي نه ٿيندو آهي، ھو ماڻهن کي زخمي ڪندو آھي“
مايوس ٻار آخرڪار پراسرار نانا جي ناس ٿيل گهر پهتا، ايترن ٻارن کي گڏ ڏسي، نانا پڇيو ”ڇا ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻڻ وڃي رهيا آهيو؟“ جھنڪور جھنگوي چيو.” نانا، اسين اھو معلوم ڪرڻ آيا آھيون تھ استحقاق ماڻھو آھي، جن آھي،ڀوت آھي، جانور آھي،چرند آھي،پرند آھي؟ ڇا کائي ٿو، ڇا پيئي ٿو، ڪٿي رھندو آھي” استحقاق اسيمبلين ۾ رھندو آھي“ نانا چيو” اهو ڪي ڪپڙا ناهي پائيندو ڇاڪاڻ ته اهو نظر ناهي ايندو!“
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)
Next Post
You might also like