عوامي مفاد ۾ ڪيل حڪومتي فيصلن تي عمل ڇو ناهي ٿيندو؟

ڪنهن ڳوٺ کي بلڊوز ڪرڻ هجي، حددخلين کي ختم ڪرڻ جو ڪو حڪومتي فيصلو هجي يعني غريب عوام جي خلاف فيصلو هوندو ته ان تي ته جلد عمل ٿي ويندو آهي ۽ ترت ڪارروائي عمل ۾ اچي ويندي آهي پر عام ماڻهن جي مفاد ۾ ڪيل حڪومتي فيصلن تي وري انتظامي عمل نه ٿي سگهندو آهي.

عوامي آواز حيدرآباد جي رپورٽر اعجاز چانڊيو جي رپورٽ آهي ته حيدرآباد ۾ تندور وارن ضلعي انتظاميا حيدرآباد  پاران في نان سرڪاري اگهه تي 18 روپيا وڪرو ڪرڻ واري حڪم کي ٿڏي في نان 30 روپيا وڪرو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ضلعي حڪومت پاران نوٽيفيڪشن جاري ڪري 18 روپيا في نان شهرين کي ڏيڻ واري حڪم تي خاص طور تي مزدورن طبقي ۾ خوشي جي لهر پکڙيل هئي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شهر جي لطيف آباد، قاسم آباد ۽ شهر جي مختلف تندورن تي ضلعي حڪومت هڪ بينر لڳائي 120 گرام اٽي وارو نان 18 روپيا ۾ وڪرو ڪرڻ ۽ چپاتي 15 روپيا وڪرو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هيا. رپورٽن موجب  تندور وارن ضلعي حڪومت جي اهڙي حڪمن تي صرف ٻه ٽي ڏينهن تائين عمل ڪيو ۽ پوءِ ساڳي اگهه تي وڪرو ڪرڻ لڳا. رپورٽ موجب ضلعي اختيارين رڳو پهرين ڏينهن تي تندورن تي وڃي فوٽو سيشن ڪرائڻ کانپوءِ ٻيهر جائزو وٺڻ جي تڪليف نه ڪئي. حيدرآباد جي شهرين ضلعي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته تندور وارن پاران 18 روپين تي نان نه کپائڻ واري عمل جو سخت نوٽيس ورتو وڃي.

هوڏانهن وفاقي حڪومت هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ يا لاٿ واري پاليسي تحت پهرين مئي کان پيٽرول 5 روپيا 45 پئسا ۽ ڊيزل ساڍا 8  روپيا في ليٽر  سستو ڪيو آهي.ان حوالي سان هتي ٿيندو اهو آهي ته جڏهن به پيٽروليم جا اگهه وڌندا آهن ته ان سان گڏوگڏ پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽرانسپورٽ تي ايندڙ ويندڙ هر شئي مهانگي ٿي ويندي آهي پر جڏهن پيٽروليم جا اگهه گهٽجي ويندا آهن ته پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽرانسپورٽ تي ايندڙ ۽ ويندڙ هر شئي جا اگهه گهٽايا نه ويندا آهن. ان جوڪارڻ به اهو ئي آهي ته هتي چڪاس جو يا مانيٽرنگ جو سخت انتظام ناهي. نه انتظاميا پيٽروليم جي اگهن وڌندڙ مهانگائي  کي روڪي سگهندي آهي ۽ نه ئي پيٽروليم جي اگهن جي گهٽتائي سان مهانگي ٿيل شين جا اگهن گهٽائڻ  ۾ ڪو بروقت ڪردار ادا ڪري سگهندي آهي. اهو سڀ ناقص حڪومت ڪارڪردگي جو نتيجو آهي جنهن کي گڊ گورننس ئي بهتر ڪري سگهندي آهي پر هتي گڊ گورننس هئڻ به ڪنهن خواب کان گهٽ ناهي.

جڏهن ته سٺي ۽ عوامي حڪومت ان کي ئي چئبو آهي جيڪا عوام جي امنگن پٽاندڙ ان جي نبض تي هٿ رکي حڪومت ڪري سگهي ۽ عوام کي سهولتون ڏئي سگهي پر هتي عوام کي رڳو تڪليف ڏيڻ جو تصور آهي جتي ان کي تڪليف ملندي ان ڪم ۾ دير نه ڪئي ويندي پر جتي عوام کي رليف ملندو اتي تڪڙو عمل نه ڪيو ويندو. تنهن ڪري ئي عوام وٽ عوام دوست حڪومت ۽ عوام دوست انتظاميا جو ڪو تصور ئي ناهي. پر حڪومت مقامي انتظاميا کي اهو سوچڻ گهرجي يا سوچڻو پوندو ته صبر  جي به ڪا حد ٿيندي آهي. عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو به ڪو انت ٿيڻو آهي. اهو هاڻي جيڪي ننڍا ننڍا احتجاج روز روز ڪري ٿو سي هڪ پيغام آهن جيڪڏهن انهن کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ نظرانداز ڪرڻ جي اها نوبت رهي ته اهي ننڍا ننڍا احتجاج وڏين بغاوتن جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا تنهن ڪري عوام جي احتجاجن وارن پيغامن کي سمجهڻ ۽ انهن مان سکڻ جي ضرورت آهي عوام کي جيڪڏهن اوهان صرف ڏکين فيصلن تي هلائيندئو ۽ انهن کي رليف ڏيڻ واري فيصلي تي عمل نه ڪرائيندئو ته عوام  اوهان کي پنهنجو سڄڻ نه سمجهندو تنهن ڪري عوام کي فائدو ڏيندڙن فيصلن تي عملدرآمدي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو ان ۾ ئي اوهان جو ڀلو آهي. تنهن ڪري گڊگورننس واري صلاحيت وڌايو ۽ سٺي مضبوط حڪومتي ڪابينا ۽ انتطاميا جوڙيو جيڪي پنهنجي حڪومتي رٽ قائم ڪري سگهن، آئين ۽ قانون جي بالادستي ڪري سگهن ۽ عوام جي مفاد ۾ ڪيل فيصلن تي يقيني طور تي عمل ڪرائي سگهن.

  • سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني تي صدر آصف زرداري جي ڪاوڙ بجا آهي

 

رپورٽن موجب پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري طرفان سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ  ۽ ڪراچي شهر سميت ٻين شهرن ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڪنٽرول نه ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي ناڪامي ۽ صوبي ۾ پوليس ۽ سنڌ جي بجيٽ مان امن امان لاءِ پئسا وٺندڙ ٻين قانون لاڳو  ڪندڙ جي خراب  ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعلي هائوس پهچي پنهنجي صدارت هيٺ امن امان بابت خاص اجلاس ۾ ڪيو.

ان اجلاس ۾  صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي صوبي ۾ امن امان جي خراب ترين صورتحال کي فوري طور ٺيڪ ڪرڻ، ڪراچي ۾ روڊن رستن تي وڌندڙ ڦرن ، ڪچي جي ڌاڙيلن جي خلاف ٻين صوبن سان گڏجي وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  هن وڏي وزير کي سختي سان چيو ته زمينن تي غير قانوني قبضن تي زيرو ٽالرنس هجي ۽ اهو سلسلو هميشه لاءِ ختم ٿيڻ گهرجي. هن وڏي وزير تي زور ڀريو ته پوليس آفيسرن جي پوسٽنگ جو مدو وڌايو وڃي، سندن ڪارڪردگيءَ جي نگراني ڪئي وڃي ۽ انهن کي ڊيليور نه ڪرڻ تائين هٽايو نه وڃي. ان کان علاوه آصف زرداري وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، هن خاص طور تي سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جو خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آصف علي زرداري کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي واري علائقي ۾ امن امان عام طور تي بهتر ٿي چڪو آهي.

اسان صدر آصف زرداري جي سنڌ  ۾ امن امان جي صورتحال  تي بي اطميناني ۽ ڪاوڙ کي درست قرار ڏيندي کيس گذارش ڪنداسين ته هو ذاتي دلچسپي وٺي ۽ سنڌ ۾ ان احساسن وچان هر قيمت تي امن قائم ڪرائي جو سنڌ ۾پ پ جي ئي حڪومت آهي ۽ ان تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي ته  چار سال لاڳيتو حڪومت ڪرڻ باوجود پ پ حڪومت ڇو مڪمل طور تي امن قائم نه ڪري سگهي آهي. اسان مجموعي طور تي صدر جي بي اطميناني ۽ ڪاوڙ کي درست قرار ڏيندي اميد ڪيون ٿا ته سندس ڪرڙي نظر سان بدامني تي ڪنٽرول ڪيو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.