پورهيتن ۽ انهن جي قدردانن کي سلام پيش ڪجي ٿو

اسان ٿورائتا آهيون انهن ماڻهن ۽ ادارن جا جن پورهيتن جي ڏينهن کي ملهائڻ جي روايت وڌي جنهن نتيجي ۾ دنيا هر سال شڪاگو جي پورهيتن جي واقعي کي ياد به ڪندي آهي ۽ ان روشني ۾ هر دور جي مزدورن جي حقن جي پرچار به ڪندي آهي ته انهن کي ڀيٽا به پيش ڪندي آهي ۽ پورهيتن جي اهميت ۽ ضرورت کي به بيان ڪندي آهي.

اسان اڄ هر سال وانگر هن ايڊيٽوريل ۾ پهرين مئي جي مناسبت سان جتي پورهيتن کي خراج پيش ڪنداسين اتي پورهيتن جي قدردانن کي به ڀيٽا پيش ڪنداسين جن پورهيتن جي عظمت کي تسليم ڪيو آهي ۽ سڄي ڄمار پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. پر پهريون خراج شڪاگو جي پورهيتن کي ڏينداسين جن 1886ع  ۾ 16 ڪلاڪن بدران 8 ڪلاڪ پورهيو ڪرڻ وارو پنهنجو مطالبو مڃرايو. جيتوڻيڪ ان کان اڳ به تاريخ ٻڌائي ٿي ته پورهيتن مختلف ملڪن  ۾ پنهنجن حقن جي تحريڪ هلائي هئي پر فيصلائتو نتيجو 1886 ۾ آمريڪا  جي شهر شڪاگو ۾ پورهيتن جي جدوجهد ذريعي ظاهر ٿيو.

اڄوڪي ڏينهن اسان دنيا جي سڀني پورهيتن، مزدورن، هارين کي ڀيٽا پيش ڪنداسين جن پنهنجي جسماني، ذهني، تخليقي پورهئي سان هن دنيا کي آباد رنگين ۽ پرونق ڪري ڏيکاريو آهي. دنيا اندر هڪ آهي فطري سونهن ۽ ٻي آهي انسان جي هٿن ۽ ذهن جي ٺاهيل تخليقي دنيا  جنهن ڌرتي جي هن گولي تي انسان کي رهڻ جي قابل بڻايو آهي. اها ڀلا ڪنهن کي خبر ناهي ته هن ڌرتي تي هي گهر، عمارتون، شهر، روڊ، رستا، ريلوي لائينون، پلون، پارڪون، باغيچا، زرعي ٻنيون ڪنهن آباد ڪيون آهن. اها ڀلا ڪنهن کي پروڙ ناهي ته اسان جي کائڻ جي خوراڪ پيدا ڪرڻ لاءِ هارين جو ئي رت ست شامل آهي. ڪنهن کي ڀلا اها ڄاڻي ناهي ته گهرن اندر جيڪو فرنيچر يا ڊيڪوريشن جو سامان سينگاري رکجي ٿو جيڪو گهر ڀاتين کي پروقار ۽ آبرودار بڻائي ٿو تنهن ۾ پورهيتن جو هٿ آهي. مطلب ته سندن ٿورا ڪيترا ڳڻي ڪيترا ڳڻبا. سندن ڪم ڪيترا ڳڻائجن. ڳڻائي به نٿا سگهجن. اسان ڳڻائيندي کٽي سگهون ٿا پر سندن هٿ جو ڪم کٽي نه کٽندو.

چوڻ جي حد تائين ته ڪير به ان حقيقت کان انڪار نه ڪري سگهندو ته پورهيتن ۽ هارين جي وجود  کان سوا دنيا جو هي وهنوار نه ٿو هلي سگهي پر عملي طور صورتحال اها آهي ته دنيا اندر مزدورن ۽ هارين جو اهو گهربل قدر نه ٿي سگهيو آهي جيڪو ٿيڻ گهرجي. اهو ڪيڏو نه الميو آهي ته جيڪو مزدور اي سي ٺاهي ٿو يا خراب اي سي جي مرمت ڪري گهرن ۽ آفيسن ۾ لڳائي ڏئي ٿو سا اي سي اهو مزدور پاڻ خريد نه ٿو ڪري سگهي، جو هو پاڻ غريب آهي پر سندس هٿ ۽ ذهن جو پورهيو  املهه آهي جيڪو اي سي جي قيمت کان وڌيڪ هئڻ گهرجي پر هن دنيا اندر ايئن ناهي. سندس اجورو اي سي جي قيمت کان گهٽ آهي. پورهيتن، مزدورن جون بنيادي گهرجون به ان فقير جي خيرات جهڙي اجوري مان پوريون ٿيڻ ممڪن ناهن. اسان وٽ مزدور هاري ۽ پورهيت جو ڳاڻيٽو غريب ترين طبقي ۾ ٿيندو آهي.

امير طبقي، وڏيرن، چوڌرين، سرمائيدارن جو پورهيتن، مزدورن ۽ هارين ڏانهن ظالماڻو رويو رهيو آهي ٿيڻ ته ايئن کپي ته دنيا جا پورهيت، هاري ۽ مزدور جيڪر امير ترين طبقي ۾ شمار ڪيا وڃن ۽ انهن معرفت سهولتون ۽ عياشيون ماڻيندڙ طبقو مالي طور انهن کان ڪجهه گهٽ هجي. پر افسوس ته پئسي وارن ۽ سرمائيدار طبقي دنيا تي پنهنجي طبقي جو راڄ قائم ڪري ورتو آهي.

هاڻي اسان انهن ماڻهن کي خراج پيش ڪنداسين جن پورهيتن ۽ مزدورن جو دل کولي نه رڳو قدر ڪيو آهي پر سندن حق ڏيارڻ جي جدوجهد پڻ ڪئي آهي. دنيا اندر ان حوالي سان پهريون نالو ڪارل مارڪس جو کنيو وڃي ٿو  جنهن دنيا جي پورهيتن کي حڪمران بڻائڻ جو تصور ڏنو ۽ طبقاتي نظام جي خاتمي جو نظريو ڏنو. اسان هن عظيم مفڪر کي سلام پيش ڪنداسين جنهن سڄي دنيا جي مزدورن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ٿيڻ جو رستو ڏيکاريو پر پرڏيهي دنيا کي اها خبر ناهي ته سنڌ اندر پورهيتن ۽ هارين جو هڪ قدر دان ڪارل مارڪس جي پيدا ٿيڻ کان هڪ صدي اڳ پيدا ٿيو هو جنهن ” جيڪو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ڏنو هو. جنهن جو نالو آهي صوفي شاهه عنايت شهيد جنهن هارين جي حقن جي تحريڪ هلائي هئي ۽ ان جدوجهد ۾ شهيد ٿيو هو. صوفي شاهه عنايت شهيد کانپوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهو صوفي شاعر ۽ فڪر هو جنهن ڪارل مارڪس کان اڳ سڀني مظلومن کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو هو.

ڏُکِيُون جان نه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نه ٿِيَي

ٻِيُون هُهِين هَٿَ هَڻَنِ، رُوئندِيُون رُئڻَ وارِيُون

جڏهن ته مارل مارڪس رڳو دنيا جي مزدورن کي متحد ٿيڻ جو سڏ ڏنو هو. اسان پورهيتن، هارين، مزدورن  ۽ مظلومن جي انهن ٻن عظيم قدردانن صوفي شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا ٿورائتا آهيون جن سنڌي قومي کي پورهيتن جو قدر ڪرڻ سيکاريو. ڀٽائي صاحب جي سڄي شاعري پورهيتن جي جمالياتي حسن سان ڀريل آهي ڀٽائي صاحب پورهيتن جي هٿن کي سون ساريڪا هٿڙا ڄاڻايو آهي. اهي هٿ جيڪي عام ماڻهن جي نظر ۾ ڪوجها، مٽي سان ڀريل هوندا آهن. تن کي ڀٽائي صاحب سراپا سون سڏي ٿو. ”مانجهي سي امل، هر جنين جي هٿ ۾ “ جو خراج پيش ڪري ٿو.

اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ سنڌ جي سڀني هاري اڳواڻن ۽ هاري تنظيمن جا احسان مند آهيون جن سڄي ڄمار هارين جي حقن لاءِ پتوڙيو ۽ ذاتي طور قيد جون تڪليفون به ماڻيون ۽ پنهنجا سک ڇڏي پورهيتن جي سکن لاءِ پتوڙيندا رهيا آهن. اڄ اسان پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي دنيا جي سڀني مزدورن، پورهيتن، هارين ۽ انهن جي قدردانن کي اٿي بيهي سلام پيش ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.