”جج حلف ۾ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه وٺڻ جو قسم کڻندو آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عدالتي معاملن ۾ ڳجهي ادارن جي مبينا مداخلت تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جواب ۽ تجويزون پيش ڪري ڇڏيون.
پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي جواب ۾ چيو ته جڏهن جج حلف کڻندو آهي ته ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه وٺڻ جو قسم کڻندو آهي، جج جي حلف ۾ لکيل آهي ته هو دٻاءَ ۾ نه ايندو، جج انصاف جي فراهمي ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت برداشت نه ڪندو.
هاءِ ڪورٽ چيو ته اهڙو ضابطو ناهي جيڪو انتظاميا يا ادارن کي ججن جي ڪم ۾ مداخلت جي اجازت ڏئي، سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن جي ضابطن جي نمائندگي ڪندي آهي، ججن جي ضابطن ۾ عدليا جي مداخلت جي روڪٿام لاءِ رهنمائي ناهي، پارلياماني معاملن، سياست ۽ عدالتي معاملن ۾ مداخلت اوپن سيڪريٽ آهي.
عدالت عاليا چيو ته سياسي ڪيسن ۾ جج مداخلت جي شڪايت ڪندي نظر ايندا آهن، ججن شڪايتون ڪيون، سياسي ڪيسن ۾ مرضي جي فيصلن لاءِ مداخلت ٿي، ڳالهه نه مڃڻ جي صورت ۾ ججن کي غير رياستي عنصرن کان ڌمڪيون مليون، ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ کاتي سامهون معاملو اٿاريو ويو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جواب ۾ چيو ويو ته ججن کي ڌمڪي ملڻ جو معاملو اعليٰ سطح تي به کنيو ويو، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ سياست ۽ عدالتي معاملن ۾ مداخلت کان روڪيو.
هاءِ ڪورٽ پنهنجي تجويزن ۾ چيو ته ججن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ کان روڪڻ لاءِ فيض آباد ڌرڻي ڪيس فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي، هاءِ ڪورٽس کي معاملي تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي، هڪ جج کي ڌمڪي ملندي ته ان کان لاڳاپيل چيف جسٽس کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، تجويزن جي ڪاپي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ هاءِ ڪورٽ انتظامي ڪميٽي کي موڪلڻ گهرجي.
تجويزن ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس ۽ انتظامي ڪميٽي کي متاثر جج جي شڪايت تي فوري طور ايڪشن وٺڻ گهرجي، جج کي ملندڙ ڌمڪي جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ادارا سهڪار نه ڪن ته پوءِ ان کي جڊيشل سائيڊ تي لارجر بئنچ ذريعي ڏسڻ گهرجي.
پشاور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته چيف جسٽس ۽ انتظامي ڪميٽي کي شڪايت ملڻ کانپوءِ معاملي کي ڏسڻ گهرجي، چيف جسٽس ناڪام ٿي وڃي ٿو ته معاملو انتظامي ڪميٽي سامهون رکڻ گهرجي، ججن جي ضابطن ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.