هاڻي ٿريڊز تي پوسٽون ڪرڻ سان واهپيدار هزارين ڊالر ڪمائي سگهندا

جيڪڏهن اوهان ميٽا جي نئين ايپ ٿريڊز تي ڪافي سرگرم آهيو ته سٺي خبر اها آهي ته تمام جلد سوشل ميڊيا نيٽورڪ ذريعي اوهانکي ڪمائڻ جو موقعو ملي سگهندو.
ميٽا طرفان ڪجهه واهپيدارن لاءِ ٿريڊز تي وائرل ٿيڻ تي هزارين ڊالر ڪمائڻ جا موقعا ڏنا ويندا.
واهپيدارن کي ميٽا جي هڪ نئين انويٽيشن اونلي بونس پررگرام ذريعي ڪمائڻ جو موقعو ملندو.
ڪمپني طرفان اڃا تائين پروگرام جو باظابطا اعلان ناهي ڪيو ويو، پر انسٽاگرام جي هڪ سپورٽ ذريعي بونس پروگرام لاءِ ڪجهه تفصيل ٻڌايا ويا آهن.
تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٿريڊز پوسٽس جي ڪارڪردگي يا وڌيڪ پوسٽن ذريعي پيسا ڪمائڻ جو موقعو هوندو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هر واهپيدار لاءِ بونس پروگرام ۾ ملندڙ رقم مختلف ٿي سگهي ٿي، ان پروگرام کي ڪمپني اڃا آزمائشي قرار ڏنو آهي، پر چتاءُ ڏنو پيو وڃي ميٽا طرفان سروس ۾ ماڻهن جو انگ وڌائڻ لاءِ اهو پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي.
ميٽا طرفان ماضيءَ ۾ فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي ريلز وڊيو پوسٽ ڪندڙ لاءِ به اهڙا بونس پروگرام ڏيڻ جا اعلان ڪيا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.