مراد علي شاهه يورپي يونين کان مدد گهري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ گهرن کي سولرائيزيشن ڪرڻ لاءِ يورپي يونين کان مدد گهري ورتي.
مراد علي شاهه سان يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ يورپي يونين جي ڀائيواري سان سنڌ ۾ جاري پراجيڪٽن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وڏي وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊن ۾ غريبن کي سولر انرجي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ چاهيون ٿا ته ٻهراڙين ۾ گهرن کي سولر انرجي سان روشن ڪيو وڃي، ان حوالي سان يورپي يونين مدد ڪري.
هن ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي يورپي يونين جا ٿورا مڃيا ۽ سفير کي ٻڌايو ته ٻوڏ سان صوبي ۾ هزارين اسڪول متاثر ٿيا، عمارتن جي بحالي سنڌ حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي، اسان چاهيون ٿا ته يورپي يونين مدد ڪري.
يورپي يونين جي سفير چيو ته توهان اسڪولن جي تعمير ۽ سولر پراجيڪٽ موڪليو، ڪوشش ڪنداسين ته تعليم ۽ شمسي توانائي ۾ توهان جي مدد ڪيون.
وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب يورپي يونين جا سنڌ ۾ 170.85 ملين يورو جا منصوبا جاري آهن ۽ 50 ملين يورو جي غربت جي خاتمي جي پروگرام تي ڪم ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.