گوگل پلي اسٽور کان هڪ ئي وقت 2 ايپس ڊائون لوڊ ڪرڻ جو فيچر متعارف

ڇا اوهان به گوگل پلي اسٽور تي هڪ کان وڌيڪ ايپس ڊائونلوڊ تي هڻي ڇڏيندا آهيو؟ پر هڪ هڪ ڪري ايپ ڊائونلوڊ ٿيڻ جي انتظار جهڙن مسئلن کان بيزار آهيو؟
گوگل پلي اسٽور تي واهپيدارن جي سهولت لاءِ نئين فيچر ذريعي اهڙي بيزاري کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ موجب واهپيدار گوگل پلي اسٽور جي اپڊيٽ ورجن تي هڪ ئي وقت 2 ايپ ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا، نئين فيچر جي حوالي سان شيئر ڪيل اسڪرين شارٽ ۾ پلي اسٽور تي هڪ ئي وقت ٻن اپليڪيشنز کي انسٽال ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.
رپورٽ موجب نئون فيچر گوگل جي اپڊيٽ ورجن 40.6.31 تي موجود آهي، پر نئين فيچر کي اپڊيٽ ورجن رکندڙ واهپيدار ۽ استعمال ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.