بنا وياج جي هونڊا موٽرسائيڪلون قسطن تي، سچ به آهي ۽ دوکو به! ڄاڻيو ڪيئن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هونڊا سڀني جي پسنديده موٽرسائيڪل هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اها سولين قسطن تي بنا وياج جي ملي ته سڀ ڪو اها خريد ڪرڻ چاهيندو.

اهڙا ئي اشتهار باقاعده هلايا ويا  آهن جيڪي سوشل ميڊيا تي ايٽلس هونڊا جي پنهنجي آفيشل فيس بڪ پيج تي به ڏنا ويا آهن.

اشتهار ۾ واضح طور تي اهو لکيل آهي ته هونڊا گاڏي بنيا وياج جي سولين قسطن تي ڏئي رهيا آهيون جنهن لاءِ هڪ شاپنگ مال جي ويب سائيٽ کي وزٽ ڪريو.

جڏهن اوهان شاپنگ مال جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو ته اوهان کي هونڊا جون موٽرسائيڪلون قسطن تي وڪري لاءِ موجود نظر اچن ٿيون.

اها حقيقت آهي پر ان ۾ ٺڳي ڪهڙي آهي؟ معاملو اهو آهي ته شاپنگ مال الفا مال جي نالي سان آهي ۽ اها ويب سائيٽ بينڪ الفلاح جي آهي.

بينڪ الفلاح جيتوڻيڪ وياج نٿي وٺي پر قسطن تي ٻيا ٽيڪس وٺي ٿي ۽ اهڙي ريت هو پنهنجا واهيپيدار به وڌائي رهي آهي.

اهو اشتهار ڪجهه ڪلاڪ پهريان ڏنو ويو آهي ۽ ان خريداري جي تاريخ به 30 اپريل ئي آخري ڏني وئي آهي.

هونڊا جو اشتهار

هونڊا جي شوقينن جا خواب ان وقت ڀورا ڀورا ٿين ٿا جڏهن هر شئي جي آخر ۾ اهو لکيل آهي ته اهي گاڏيون رڳو بينڪ الفلاح جو ڪريڊٽ ڪارڊ رکندڙن کي ڏنيون وينديون.

هاڻي جيڪڏهن ڪو ڪريڊٽ ٺهرائي ٿو ته اهو بينڪ جي ڄار ۾ اهڙو ڦاسندو جو وري نڪري نه سگهندو.

خيال رهي ته ڪريڊٽ ڪارڊ رڳو باقاعده مالدار ماڻهن لاءِ مناسب هوندو آهي، ان حوالي سان عوامي آواز پاران هڪ رپورٽ اڳ به ڏني وئي هئي جيڪا يوٽيوب چينل تي موجود آهي.

ڪريڊٽ ڪارڊ بابت ڄاڻڻ لاءِ هي وڊيو ڏسو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.