“پرفيڪشنسٽ نه آهيان“ عامر خان زندگيءَ جي ڪيئي رازن تان پردو کڻي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) عامر خان کي بالي ووڊ ۾ پنهنجي جانداري اداڪاري جي ڪري مسٽر پرفيڪشنسٽ چيو ويندو آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو سندس فلمون باڪس آفيس تي ڪيئي سئو ڪروڙن جو ڪاروبار ڪنديون آهن.
پر سپر اسٽار عامر خان جو چوڻ آهي ته هو پرفيڪشن پٺيان نه پر جادوءَ پٺيان ڊوڙندو آهي.
ويجهڙ ۾ عامر خان پهريون ڀيرو ڪاميڊي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ڪيئي رازن تان پردو کنيو.
شو ۾ گفتگو ڪندي عامر خان چيو ته ماڻهو هن کي پرفيڪشنسٽ چوندا آهن، جنهن تي هن کي اعتراض ناهي اِها سٺي ڳالهه آهي پر سچ اِهو آهي ته مان پرفيڪشنسٽ نه آهيان.
هن چيو ته پرفيڪشنسٽ هئڻ بوريت آهي، هر شئي صحيح ڪريو جڏهن مان اهڙي ڪنهن قسم جي پابندين کي مڃيندو ئي نه آهيان مان جادوءَ کي مڃيندو آهيان.
هن چيو ته جڏهن اسان ڪو به ڪم ڪيون ٿا يا جيڪو به ڪم ڪيون ان ۾ جادو هئڻ گهرجي، جڏهن اوهان ڪو سين فلمايو ته پرفيڪٽ هجي.
سندس چوڻ هو ته جملن جي ادائيگي ۽ فوڪس به ٺيڪ آهي، سڀ ڪجهه صحيح هئڻ باوجود به مزو ناهي ايندو ڇو ته جيستائين جادو نه ٿيندو تيستائين مان خوش ناهيان ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته مان جنهن شئي جي پٺيان ڊوڙندو آهيان اِها پرفيڪشن نه پر جادو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.