نسيم شاهه سميت 500 کان وڌيڪ ڪرڪيٽرن لنڪا پريميئر ليگ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ورتي

(ويب ڊيسڪ ) لنڪن پريميئر ليگ 2024ع جي پنجين ايڊيشن لاءِ نسيم شاهه سميت پنج سئو کان وڌيڪ ڪرڪيٽرن رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪري ڇڏي.
چويهه ملڪن سان واسطو رکندڙ رانديگرن پنجن فرنچائز جي اسڪواڊ ۾ چونڊ لاءِ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي.
ناميارن ڪرڪيٽرن، تميم اقبال، ٽِم سائوٿي، رسي وين ڊر ڊوسن، جمي نيشم، مشفيق الرحيم، ريزا هينڊريڪس، ريلي روسو، شاءِ هوپ، تسڪين احمد، لونگي نگيڊي، نسيم شاهه، رحمان الله گرباز رجسٽريشن ڪرائي آهي.
ان کانسواءِ نجم الحسن منرو، ڪولن شنتو، ايش سوڊي، مارڪ چيپمين، جيشن بهرنڊروف، آندري فلچر، اوشين ٿامسن، ڪيموپال، ۽ فيبن ايلن شامل آهن.
ٻين رانديگرن ۾ عثمان خواجا، تبريز شمسي، ايون ليوس، مجيب الرحمان، نور احمد، ريس ٽوپلي، افتخار احمد، محمد نواز، گلبدين نائب ۽ ابراهيم زدران جهڙا مشهور ڪرڪيٽر پڻ شامل آهن.
ياد رهي ته لنڪا پريميئر ليگ 2024ع جا مقابلا سريلنڪا جي ٽن شهرن ڪولمبو، دمبولا ۽ ڪينڊي ۾ کيڏيا ويندا جڏهن ته ليگ جي شروعات پهرين جولاءِ کان ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.