ايڇ آر سي پي پاران سياسي ڪارڪن بشير شر کي حراست ۾ وٺڻ تي ڳڻتي ظاهر

ڪراچي (پ ر) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) سايسي ڪارڪن بشير شر کي حراست ۾ وٺڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

ايڇ آر سي پي موجب بشير شر کي آچر جي رات مبينا طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي ۾ زبردستي حراست ۾ ورتو هو جنهن جي پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ٿي وئي.

هيومن رائيٽس ڪميشن بشير شر کي سامهون آڻي قانوني طريقي ڪار اختيار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.