پي ٽي آءِ پاران 9 مئي واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( م ڊ )  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر 9 مئي واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته 9 مئي محسن نقوي ۽ آءِ جي پنجاب جو ڊرامو آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اسد قيصر چيو ته 9 مئي وارو واقعو پي ٽي آءِ کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.هن چيو ته اسان 9 مئي جي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.اسد قيصر پڇاڻو ڪيو ته ڇا ملڪ ۾ آئين معطل آهي؟ هي ملڪ آزاد آهي يا هتي مارشل لا لاڳو آهي؟هن چيو ته توهان جي پارٽي جو چيئرمين سينيٽ ۾ آهي، همت ڪريو ۽ اسان جي پارٽي جي ماڻهن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪريو. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 3 وزيراعظم آهن، هڪ شهباز شريف، ٻيو اسحاق ڊار ۽ ٽيون محسن نقوي آهي. سمورا اختيار محسن نقوي وٽ آهن، هو طاقت جو سرچشمو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي خريداري واري معاملي تي بحث لاءِ هڪ ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. اسد قيصر چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو اسان کي جلسي کان روڪيو پيو وڃي؟ مان پڇان ٿو ته ڪهڙي قانون تحت اسان کي اجلاس ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وڃي. خطاب دوران قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڪراچي مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي رد ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم ميمبرن انهن ريمارڪس تي احتجاج ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.